ملاڪيءَ 1:2 - Muslim Sindhi Bible2 خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”مون اوهان سان محبت رکي.“ پر اهي چون ٿا تہ ”تو ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسان سان محبت ظاهر ڪئي آهي؟“ خداوند وراڻي ٿو ڏئي تہ ”عيسو ۽ يعقوب پاڻ ۾ ڀائر هئا، تڏهن بہ مون يعقوب سان ۽ سندس نسل سان محبت رکي Faic an caibideilSindhi Bible2 خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اوهان سان محبت رکي، پر تڏهن بہ اوهين ٿا چئو تہ تو ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسان سان محبت رکي آهي؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ عيسو يعقوب جو ڀاءُ نہ هو ڇا؟ تہ بہ مون يعقوب سان محبت رکي؛ Faic an caibideil |
اي هن پيڙهيءَ وارؤ! مون خداوند جي ڳالهين تي غور ڪريو. ڇا آءٌ سار سنڀال لهندي بہ اوهان بني اسرائيل لاءِ رڻپٽ مثل آهيان؟ ڇا آءٌ رهنمائي ڪندي بہ اوهان لاءِ گھُگھُہ اونداهيءَ واري زمين جيان آهيان؟ تہ پوءِ اي منهنجي قوم! اوهين ائين ڇو ٿا چئو تہ ’اسان کي جيئن وڻندو تيئن ڪنداسين ۽ خداوند جي واٽ تي موٽي نہ اينداسين.‘
اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ بہ چئو ٿا تہ ”اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ کيس بيزار ڪيو آهي؟“ اوهان خداوند کي انهيءَ ڳالهہ ۾ بيزار ڪيو آهي جو چئو ٿا تہ ”برائي ڪندڙ هر ماڻهو خدا جي نظر ۾ چڱو آهي ۽ خدا انهيءَ مان خوش آهي.“ ٻيو هن ڳالهہ جي ڪري جو چئو ٿا تہ ”اهو خدا ڪٿي آهي جنهن کي عادل خدا سمجھيو ويندو آهي؟“