Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 8:16 - Muslim Sindhi Bible

16 ”اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ سان ڍڪي، يا کٽولي هيٺان رکي، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ٿانوَ سان نٿو ڍڪي، نڪي کٽولي هيٺان ٿو رکي، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيڪي اندر اچن تن کي سوجهرو ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

16 ”اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ سان ڍڪي، يا کٽولي هيٺان رکي، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

16 “कोई बी डी॒ओ बा॒रे करे बासण सां न ढकींदो आहे ऐं न हीं खटअ जे हेठां रखंदो आहे, परअ डी॒ए खे उहो ज्॒यारीअ ते रखंदो आहे ताकि अंदर अचण वारन खे रोशनी मिले।

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

16 ”اھڙو ڪوبہ ڪونھي جيڪو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ سان ڍڪي، يا کٽولي ھيٺان رکي، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 8:16
9 Iomraidhean Croise  

”ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ان کي لڪائي يا ڍڪڻ هيٺان نہ ٿو رکي پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيئن اندر ايندڙن کي روشني ملي.


پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اهي ماڻهو آهن جيڪي پيغام ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ پوري توجھہ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ ثابت قدميءَ سان ڦر جھلين ٿا.“


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي ايمان آڻين ۽ گناهن جي معافي ملين ۽ هو خدا جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


اهي ست تارا جيڪي تون منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏسين ٿو، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز هي آهي تہ ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آهن ۽ ست شمعدان ست ڪليسيائون آهن.“


اهي ٻہ شاهد ٻہ زيتون جا وڻ ۽ ٻہ شمعدان آهن، جيڪي ڌرتيءَ جي مالڪ جي حضور ۾ بيٺا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan