Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 8:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جيڪي داڻا رستي تي ڪريا تنهن رستي جي معنيٰ اُهي ماڻهو آهن جيڪي پيغام ٻڌن ٿا، پوءِ ابليس اچي انهيءَ پيغام کي سندن دلين مان ڪڍي ٿو تہ متان اهي ان تي ايمان آڻي بچي وڃن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 جيڪي گس تي ڪِريا، سي اُهي آهن جن ٻُڌو آهي، پوءِ شيطان اچي اُنهي ڪلام کي سندن دل مان ڪڍيو وڃي، تہ متان ايمان آڻين ۽ نجات ملين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

12 جيڪي داڻا رستي تي ڪريا تنهن رستي جي معنيٰ اُهي ماڻهو آهن جيڪي سنديش ٻڌن ٿا، پوءِ شيطان اچي انهيءَ سنديش کي سندن دلين مان ڪڍي ٿو تہ متان اهي ان تي وشواس آڻي بچي وڃن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

12 रस्ते जे किनारे जा किरयल बि॒जअ उनन मांणुन खे ता डे॒खारन जैं वचन बु॒धो; परअ किथे इंय न थे, के उहे विश्वास करे मुक्‍ती पाइन, इन करे शैतान अची उनन जे दिल मां वचनअ खे खणी तो वञे।

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

12 جيڪي رستي تي ڪريا تنھن رستي جي معنيٰ اُھي ماڻھو آھن جيڪي ٻڌن ٿا، پوءِ شيطان اچي انھيءَ ڪلام کي سندن دلين مان ڪڍي ٿو تہ متان اھي ايمان آڻين ۽ کين ڇوٽڪارو ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 8:12
13 Iomraidhean Croise  

ڇاڪاڻ تہ اوهان سمجھہ کي ڌڪاريو ۽ خداوند جو خوف رکڻ کان انڪار ڪيو.


ڏاهپ ۽ سمجھہ حاصل ڪر. منهنجي نصيحتن کي پوريءَ طرح دل ۾ سانڍي رک ۽ ڪنهن بہ هڪ کي نظرانداز نہ ڪر.


پر اي اوهين! جن مون خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ جن منهنجي پاڪ جبل صيئون کي وساري ڇڏيو آهي، هائو، اوهين جيڪي بتن کي نصيب ۽ قسمت جا ديوتا سڏيو ٿا، ۽ سندن پوڄا ڪندي هنن لاءِ دسترخانا وڇايو ٿا، ۽ مئي جو پيالو ڀري نذراني طور رکي ٿا ڇڏيو، سي ياد رکو، اوهان جي نصيب ۾ هي لکيو ويو آهي تہ


اهي جيڪي آسمان جي بادشاهيءَ جو پيغام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انهيءَ رستي مثل آهن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انهن جي دل مان اهي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي.


ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انهن کي چُڳي ويا.


ڪنهن وقت پيغام رستي تي ڪري ٿو، يعني اهي ماڻهو جيڪي پيغام ٻڌن ٿا. پر جيئن ئي اهي ٻڌن ٿا تہ شيطان جلدي اچي انهن جي دلين مان ڇٽيل ٻج ڪڍي وٺي ٿو.


”ٻڌو! انهيءَ مثال جو مطلب هي آهي تہ ٻج آهي خدا جي بادشاهيءَ جو پيغام.


ٽڪريلي زمين اهي ماڻهو آهن، جيڪي پيغام ٻڌن ٿا تڏهن خوشيءَ سان قبول تہ ڪن ٿا، پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿورو وقت ايمان آڻي پوءِ آزمائش جي مهل ڦري ٿا وڃن.


”هڪڙو هاري ٻج ڇٽڻ ويو. ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا، جيڪي لتاڙجي ويا ۽ پکي انهن کي چُڳي ويا.


اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي جهان کي گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کي آسمان مان ڪڍي سندس ملائڪن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan