Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 5:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تنهن تي شمعون وراڻي ڏيئي چيس تہ ”اي سائين! اسان سڄي رات لوڙيو آهي پر ڪجھہ بہ هٿ نہ آيو آهي، تنهن هوندي بہ جيڪڏهن اوهين چئو ٿا تہ ڄار وجھرايان ٿو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 تڏهن شمعون وراڻي ڏيئي چيس، تہ سائين، اسين سڄي رات ڳهيا آهيون، پر ڪي بہ هٿ ڪين آيو اٿئون، تہ بہ تنهنجي چوڻ تي ڄار وجهان ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 تنهن تي شمعون وراڻي ڏيئي چيس تہ ”اي سوامي! اسان سڄي رات لوڙيو آهي پر ڪجھہ بہ هٿ نہ آيو آهي، تنهن هوندي بہ جيڪڏهن اوهين چئو ٿا تہ ڄار وجھرايان ٿو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

5 शमौनअ हुन खे चयईं, “हे प्रभु, असां सजी॒ रात महेनतअ कई आहे परअ असां जे हथ कुछ बी न लगो॒ आहे; तैं हुंदे बी तुंजे चवण ते मां ज्॒यारन खे विझंदुम।”

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 تنھن تي شمعون وراڻي ڏيئي چيس تہ ”اي سائين! اسان سڄي رات لوڙيو آھي پر ڪجھہ بہ ھٿ نہ آيو آھي، تنھن ھوندي بہ جيڪڏھن اوھين چئو ٿا تہ ڄار وجھرايان ٿو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 5:5
14 Iomraidhean Croise  

عين‌جديءَ جي چشمي کان وٺي عين‌عجليم جي چشمي تائين کاري سمنڊ جي ٻنهي ڪنارن تي مڇي مارڻ وارا بيٺا مڇي پيا ماريندا ۽ ڪنارن تي سڪائڻ لاءِ جيڏانهن تيڏانهن سندن ڄار پکيڙيل هوندا. انهيءَ سمنڊ جون مڇيون بہ وڏي ڀونوچ سمنڊ جي مڇين وانگر قسمين قسمين جون ۽ تمام گھڻيون هونديون.


وڏي واڪي چيس تہ ”اي عيسيٰ! اي سائين! اسان تي رحم ڪريو.“


تڏهن انهن عيسيٰ کي جاڳائيندي چيو تہ ”استاد! اي استاد! اسين تہ ٻڏڻ تي آهيون.“ تنهن تي هو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنهن تي طوفان بيهجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي.


تڏهن عيسيٰ پڇيو تہ ”مون کي ڪنهن هٿ لاتو؟“ تنهن تي سڀيئي انڪار ڪرڻ لڳا. پر پطرس چيس تہ ”استاد! ماڻهن جي ڳاهٽ ٿيڻ ڪري هو اوهان مٿان ڪرن ٿا پيا.“


جڏهن موسيٰ ۽ الياس عيسيٰ وٽان وڃڻ لڳا تڏهن پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! اسان جا ڀاڳ ڀلا آهن جو اسين هتي آهيون. سو اسين ٽي تنبو کوڙيون، هڪڙو اوهان لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ ۽ ٽيون الياس لاءِ.“ پر کيس خبر ئي ڪانہ ٿي پئي تہ ڇا چئي رهيو آهي.


پوءِ يوحنا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! اسان هڪڙي ماڻهوءَ کي اوهان جي نالي تي ڀوت ڪڍندي ڏٺو تہ اسان کيس منع ڪئي، ڇو تہ هو اسان سان گڏ اوهان جي پيروي نہ ٿو ڪري.“


جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن عمل ڪريو تہ اوهين منهنجا دوست آهيو.


تنهن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن هو چوي تيئن ڪريو.“


تڏهن شمعون پطرس ٻين کي چيو تہ ”آءٌ مڇي مارڻ وڃان ٿو.“ تنهن تي ٻين شاگردن چيس تہ ”اسين بہ تو سان گڏجي ٿا هلون.“ پوءِ اهي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، پر انهيءَ رات ڪابہ مڇي هٿ نہ لڳن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan