Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 5:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هڪڙي دفعي جڏهن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺو هو تہ ماڻهن جا ميڙ مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ خدا جون ڳالهيون ٻڌن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، ۽ خدا جو ڪلام پئي ٻُڌائون، تڏهن هو گنيسرت واري ڍنڍ وٽ بيٺو هو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 هڪڙي دفعي جڏهن يسوع گليل ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺو هو تہ ماڻهن جا ميڙ مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جون ڳالهيون ٻڌن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

1 हिक डीं॒ह जड॒ऐं येशु गन्नेसरेत जी झील जे किनारे ते बीठो हुयो, त उते वडी॒ भीड़अ परमेश्वरअ जो वचन बु॒धण जे लाए हुन जे मथां किरी रई हुई।

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 ھڪڙي دفعي جڏھن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي بيٺو ھو تہ ماڻھن جا ميڙ مٿس ڳاھٽ پئي ٿيا، انھيءَ لاءِ تہ خدا جو ڪلام ٻڌن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 5:1
21 Iomraidhean Croise  

اها سرحد شفام کان ڏکڻ طرف ربلہ شهر تائين ويندي، جيڪو عين جي اوڀر ۾ آهي. اتان وري گليل ڍنڍ جي اوڀر طرف چاڙهيءَ جي چوٽيءَ کان ٿيندي،


يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي تبليغ کان وٺي هن وقت تائين آسمان جي بادشاهيءَ تي ڏاڍائي پئي ٿي آهي ۽ ڏاڍا ماڻهو ان کي ڏاڍائيءَ سان ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏ ڍنڍ پار ڪري گنيسرت جي علائقي ۾ آيو.


جيئن تہ ماڻهن جو گھڻو ڳاهٽ هو تنهنڪري عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”منهنجي لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار رکو، متان ماڻهو مون کي ڳاهي نہ ڇڏين.“


عيسيٰ وري گليل ڍنڍ جي ڪناري تي تعليم ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو هو پاڻ ڍنڍ ۾ هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي.


تنهن تي عيسيٰ ان سان گڏجي هليو تہ هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو. ماڻهو ايترا تہ گھڻا هئا جو عيسيٰ تي ڳاهٽ پئي ٿيا.


اهي ڍنڍ پار ڪري اچي گنيسرت جي علائقي ۾ پهتا جتي ٻيڙيءَ کي ٻڌي ڇڏيائون.


ايتري ۾ هزارين ماڻهن جو ميڙ عيسيٰ جي چوڌاري اچي گڏ ٿيو. اهي ماڻهو کيس ٻڌڻ لاءِ هڪٻئي تي ڳاهٽ پئي ٿيا. تڏهن عيسيٰ انهن جي اڳيان پنهنجي شاگردن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”رياڪاري فريسين جو خمير آهي، تنهن کان پري رهجو.


ان وقت هن ڍنڍ جي ڪناري تي ٻہ ٻيڙيون بيٺل ڏٺيون، جن مان لهي مهاڻن پنهنجا ڄار پئي ڌوتا.


هڪڙي ڏينهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن سميت ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو ۽ کين چيائين تہ ”هلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر هلون.“ سو هو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي روانا ٿيا.


جيئن هو هليا پئي تہ عيسيٰ کي ننڊ وٺي ويئي. تڏهن ڍنڍ تي ڏاڍو طوفان اچي لٿو ۽ ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجڻ لڳي جنهن ڪري انهن جي جان خطري ۾ پئجي ويئي.


تنهن تي اهي ڀوت انهيءَ ماڻهوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ سوئرن جو اهو ڌڻ لاهيءَ تان ڌوڪيندو اچي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.


تڏهن عيسيٰ پڇيو تہ ”مون کي ڪنهن هٿ لاتو؟“ تنهن تي سڀيئي انڪار ڪرڻ لڳا. پر پطرس چيس تہ ”استاد! ماڻهن جي ڳاهٽ ٿيڻ ڪري هو اوهان مٿان ڪرن ٿا پيا.“


جن ٻن ڄڻن يحيٰ جي ڳالهہ ٻڌي هئي ۽ عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳا هئا، تن ۾ هڪڙو شمعون پطرس جو ڀاءُ اندرياس هو.


هڪ دفعي جڏهن عيسيٰ گليل ڍنڍ يعني تبرياس ڍنڍ جي هُن ڀر روانو ٿيو،


انهن ٻنهي علائقن جي اولهہ طرف سرحد اردن درياءُ آهي، يعني گليل ڍنڍ کان وٺي کاري سمنڊ تائين، جتي سمنڊ جي اوڀر ۾ پسگاہ جبل جون لاهيون پکڙيل آهن، سو سڀ پڻ مون انهن کي ڏنو.


اوهين پنهنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوهان کي مسيح بابت خدا جو پيغام ٻڌايو. انهن پنهنجي زندگي جيڪا ڀلائي ڪندي گذاري، تنهن تي ويچار ڪريو ۽ انهن جي ايمان جي نموني موجب هلو.


هن جي بادشاهي اردن درياءَ جي اوڀر واري ميدان تي پڻ هئي، يعني گليل ڍنڍ کان کاري سمنڊ تائين بيت‌يسيموت ڏانهن ويندڙ رستي تي ۽ ڏکڻ ۾ وري پسگہ جي لاهيءَ جي هيٺ تائين.


اردن جي ماٿريءَ ۾ بيت هارم، بيت نمرہ، سڪات ۽ صفون ۽ حشبون جي بادشاهہ سيحون جي باقي بچيل بادشاهت سميت، اردن درياءَ جي اوڀر طرف گليل ڍنڍ تائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan