Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 4:6 - Muslim Sindhi Bible

6 ابليس چيس تہ ”آءٌ تو کي انهن سڀني جي حڪومت ۽ شان وَ شوڪت ڏيندس، ڇو تہ اهو مون تي ڇڏيل آهي تہ آءٌ جنهن کي چاهيان تنهن کي ڏيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ شيطان چيس، تہ هيءَ سموري اختياري ۽ اُنهن جي وڏائي آئون توکي ڏيندس، ڇالاءِ جو اُها مون کي سونپيل آهي: ۽ جنهن کي وڻيم تنهن کي ٿو ڏيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 شيطان چيس تہ ”آءٌ تو کي انهن سڀني جي حڪومت ۽ شان وَ شوڪت ڏيندس، ڇو تہ اهو مون تي ڇڏيل آهي تہ آءٌ جنهن کي چاهيان تنهن کي ڏيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

6 शैतानअ हुन खे चयईंस, “मां तोखे इनन सबनिन जे मथां अधिकार ऐं इनन जी सजी॒ शानो-शोकत डी॒ंदुम, छोके इयो सब मुखे सौंप्यो वयो आहे ऐं जेंखे चाहींदो आयां, उन खे ही डी॒ंदो आयां।

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

6 شيطان چيس تہ ”آءٌ تو کي انھن سڀني جي حڪومت ۽ شان وَ شوڪت ڏيندس ڇوتہ اھو مون تي ڇڏيل آھي تہ جنھن کي چاھيان تنھن کي ڏيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 4:6
15 Iomraidhean Croise  

هو انهن جي اڳيان پنهنجي گھڻيءَ دولت، گھڻي اولاد جو ذڪر ڪندي ۽ اهي سڀ ڳالهيون ڪندي ڊاڙون هڻڻ لڳو، جن جي ڪري شهنشاهہ سندس عزت وڌائي هئي ۽ کيس ٻين اميرن ۽ عملدارن کان مٿاهون بڻايو هئائين.


اهو منصوبو قادرِمطلق خداوند ئي رٿيو، انهيءَ لاءِ تہ هو انهيءَ شهر جي مغرورن جي شان وَ شوڪت کي چٽ ڪري ڇڏي، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ معزز سمجھيا ٿي ويا.


سو پاتال پنهنجو حرص وڌائيندو، ۽ پنهنجو وات حد کان وڌيڪ کوليندو، ۽ اوهان شور شرابو ڪندڙ عياشن، توڙي اوهان جي سردارن کي ڳهي ويندو.


سو جيڪڏهن تون مون کي سجدو ڪندين تہ اهو سڀ ڪجھہ تنهنجو ٿيندو.“


هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو هن دنيا کي گنهگار قرار ڏنو ويندو ۽ دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍيو ويندو.


هن کان پوءِ آءٌ اوهان سان گھڻو نہ ڳالهائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن دنيا جو سردار اچي رهيو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو نہ آهي تہ هن جو مون تي ڪو اختيار آهي.


اوهين پنهنجي پيءُ ابليس جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.


انهيءَ ۾ ڪوبہ عجب ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان بہ روپ مَٽائي پنهنجو پاڻ کي هڪ نوراني ملائڪ جهڙو بڻائي ٿو.


انهيءَ وقت اوهين دنيا جي دستور موجب هلندا هئا ۽ نظر نہ ايندڙ مخلوقن تي اختياري هلائيندڙ حڪمران جا پوئلڳ هئا يعني شيطان جا. هي اهو ئي روح آهي، جيڪو هاڻي تائين انهن ماڻهن تي اثر ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آهن.


هن ڪري جو پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”هر انسان گاهہ مثل آهي، انهيءَ جو سمورو شان وَ شوڪت گاهہ جي گل وانگر آهي. گاهہ سڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪري ٿو پوي.


هاڻ اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا ٻار آهيون، جڏهن تہ سڄي دنيا شيطان جي قبضي ۾ آهي.


اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي جهان کي گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کي آسمان مان ڪڍي سندس ملائڪن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.


مون جيڪو حيوان ڏٺو سو چيتي جهڙو هو، پر سندس پير رڇ جهڙا هئا ۽ وات شينهن جي وات جهڙو هئس. ازدها انهيءَ حيوان کي پنهنجي طاقت، پنهنجو تخت ۽ وڏو اختيار ڏنو.


انهيءَ کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن سان جنگ ڪري کين شڪست ڏئي. هن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين تي حڪمرانيءَ جو اختيار ڏنو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan