Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 23:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تنهن تي پلاطس سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن کي چيو تہ ”هي مون کي ڪنهن بہ طرح ڏوهاري ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 پوءِ پيلاطس سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي ميڙاڪي کي چيو تہ مون کي تہ هن ماڻهوءَ جو ڪوبہ قصور ڏسڻ ۾ ڪونہ ٿو اچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 تنهن تي پلاطس سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن کي چيو تہ ”هي مون کي ڪنهن بہ طرح ڏوهاري ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

4 तड॒ऐं पिलातुसअ मुख्ययाजकन ऐं भीड़अ खे चयईं, “मां इन मांणूअ में एड़ो कुछ न पातो आहे, के जेंजी वजह सां मां इन खे डो॒ही ठहेरायां।”

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 تنھن تي پلاطس سردار ڪاھنن ۽ ماڻھن کي چيو تہ ”ھي مون کي ڪنھن بہ طرح ڏوھي ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 23:4
13 Iomraidhean Croise  

اڃا هو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي هو تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ ”هن نيڪ ماڻهوءَ جي معاملي ۾ هٿ نہ وجھجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.“


تڏهن پلاطس پڇين تہ ”ڇو، هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟“ پر هنن وٺي وڏيون رڙيون ڪيون تہ ”صليب تي چاڙهيوس.“


تڏهن پلاطس ٽيون دفعو چين تہ ”ڇو؟ هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟ آءٌ هن کي موت جي سزا ڏيڻ لاءِ ڪوبہ سبب نہ ٿو ڏسان، تنهنڪري آءٌ کيس چهبڪ هڻائي ڇڏي ٿو ڏيان.“


تنهن تي پلاطس چيس تہ ”ڀلا سچ ڇا آهي؟“ پوءِ پلاطس ٻاهر نڪري يهودي اڳواڻن وٽ آيو ۽ کين چيائين تہ ”مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.


پر مون کي خبر پيئي تہ هن شخص اهڙو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي جو کيس موت جي سزا ڏجي. هن پاڻ قيصر وٽ اپيل ڪئي، جنهن ڪري مون فيصلو ڪيو تہ کيس اوڏانهن موڪليان.


ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا، هائو، اسان جي وڏن جي خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي عظمت بخشي. پر اوهان هن کي پڪڙايو ۽ کيس گورنر پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو.


سو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گھرج هئي جيڪو پاڪ، بي‌ڏوهہ، بي‌عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ مٿي عرش عظيم تائين بلند ڪيو ويو هجي.


پر هڪ بي‌عيب ۽ بي‌داغ گھيٽڙي، يعني مسيح جي قيمتي رت سان اوهان کي ڇڏايو ويو.


پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”هن نڪي ڪو گناهہ ڪيو ۽ نہ ئي سندس زبان مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي.“


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن گناهن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي خدا تائين پهچائي. هو هن گنهگار دنيا جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر روحاني طور وري جيئرو ڪيو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan