Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 21:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ انهن پڇيس تہ ”اي استاد! اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ اها ڪهڙي نشاني هوندي جنهن مان خبر پوي تہ انهن ڳالهين جي ٿيڻ جو وقت اچي پهتو آهي؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 تڏهن هنن پڇيس تہ اي اُستاد، اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ ۽ جڏهن اُهي ٿيڻ تي هونديون تڏهن انهي وقت جي ڪهڙي نشاني ٿيندي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

7 پوءِ انهن پڇيس تہ ”اي گرو! اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ اها ڪهڙي نشاني هوندي جنهن مان سڌ پوي تہ انهن ڳالهين جي ٿيڻ جو وقت اچي پهتو آهي؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

7 उनन येशुअ खां पुछो, “हे गुरू, इयो सब कड॒ऐं थींदो? ऐं जड॒ऐं इहे सब गा॒ल्यूं पूरियूं थ्यण ते हुंदियूं, त उन समय जूं निशानियूं छा आइन?”

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

7 انھن پڇيس تہ ”استاد، اھي ڳالھيون ڪڏھن ٿينديون؟ اھا ڪھڙي نشاني آھي جنھن مان خبر پوي تہ انھن ڳالھين جي ٿيڻ جو وقت اچي پھتو آھي؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 21:7
13 Iomraidhean Croise  

جيڪا هستي سنهي وٽيل سڻيءَ جا ڪپڙا پايو درياءَ جي مٿاهين پاسي تي بيٺي هئي، تنهن کان هڪڙي پڇيو تہ ”هنن عجيب ڪمن جي پڄاڻيءَ ۾ ڪيترو عرصو باقي آهي؟“


مون ٻڌو تہ سهي، پر سمجھي نہ سگھيس. سو مون انهيءَ هستيءَ کان پڇيو تہ ”اي منهنجا سائين! هنن ڳالهين جو آخر ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟“


عيسيٰ جڏهن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن سندس شاگرد نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا ۽ کانئس پڇڻ لڳا تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون ۽ اوهان جي بادشاهي اچڻ جي ۽ هن آخري زماني جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني هوندي؟“


”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ‘ کي اُتي رکيل ڏسو جتي اهڙي شيءِ رکيل نہ هئڻ گھرجي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)، تڏهن يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون.


”ڪو وقت ايندو تہ جيڪي شيون اوهين ڏسو ٿا تن جو ڪو پٿر پٿر تي نہ رهندو جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“


عيسيٰ چين تہ ”هوشيار رهو، متان گمراهہ ٿي وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ هر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آهيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اهو وقت اچي پهتو آهي.‘ پر متان انهن جي پيروي ڪئي اٿوَ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan