Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 21:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن تہ ٻين، جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان ڏنو آهي، پر هن رن‌زال پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ ڏنائين ۽ هاڻي زندگي گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو هنن وٽ جيڪي گهُرج کان وڌيڪ هو، تنهن مان ڏنو اٿن: پر هن پنهنجي تنگ حال هوندي بہ پنهنجي سموري ڪمائي کڻي وڌي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 جڏهن تہ ٻين، جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان ڏنو آهي، پر هن وڌوا پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ ڏنائين ۽ هاڻي جيون گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

4 छोके बि॒यन सबनिन खे जाम धन आहे ऐं उनन पांजे जाम धनअ मां थोड़ो विधो आहे। परअ इन ग़रीब विधवा पांजी तंगीअ में रवंदे बी, उहो सब विझी छड॒यईं जेको कुछ उन वट हुस, मतलब पांजी सजी॒ जीविका विधी तईं।”

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 ڇاڪاڻ⁠تہ اھي سڀيئي پنھنجي گھڻائيءَ مان چندو ڏئي رھيا ھئا، پر ھيءَ رن⁠زال اڻ⁠ھوند مان بہ پنھنجي سڀ ڪمائي وجھي رھي ھئي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 21:4
7 Iomraidhean Croise  

ٻين ماڻهن جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان پيتيءَ ۾ وڌو آهي، جڏهن تہ هن رن‌زال پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ وڌائين ۽ هاڻي زندگي گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“


جن مان ننڍي پٽ پيءُ کي چيو تہ ’اي بابا! ملڪيت مان جيڪو منهنجو حصو ٿئي ٿو سو مون کي ڏيو.‘ سو هن پنهنجي ملڪيت ٻنهي پٽن کي ورهائي ڏني.


تنهن تي هن چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن غريب رن‌زال سڀني کان وڌيڪ چندو ڏنو آهي.


انهن ۾ هڪڙي اهڙي عورت بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو. هن پنهنجي سڄي ميڙي چونڊي حڪيمن پٺيان وڃائي ڇڏي هئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو هئس.


۽ منجھن اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جنهن کي ڪنهن شيءِ جي محتاجي هجي. انهيءَ ڪري جو جن ماڻهن کي ٻنيون يا گھر هئا سي اهي وڪڻي، پئسا آڻي


جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب خدا سندس نذرانو قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan