Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 21:1 - Muslim Sindhi Bible

1 عيسيٰ جڏهن نهاريو، تڏهن ڏٺائين تہ شاهوڪار ماڻهو هيڪل جي چندي جي پيتيءَ ۾ پنهنجا پنهنجا چندا وجھي رهيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 پوءِ جڏهن هن مٿي نهاريو، تہ ڏٺائين تہ شاهوڪار ماڻهو هيڪل جي خزاني ۾ پنهنجا نذرانا پيا وجهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 يسوع جڏهن نهاريو، تڏهن ڏٺائين تہ شاهوڪار ماڻهو هيڪل جي دان واري پيتيءَ ۾ پنهنجا پنهنجا دان وجھي رهيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

1 जड॒ऐं येशु मंदरअ में हो, त उते हुन शाहूकार मांणुन खे मंदरअ जी दान-पेटीअ में पांजो-पांजो दान विझंदे डि॒ठईं।

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 عيسيٰ جڏھن نھاريو، تڏھن ڏٺائين تہ شاھوڪار ماڻھو ھيڪل جي چندي جي پيتيءَ ۾ پنھنجا پنھنجا چندا وجھي رھيا آھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 21:1
12 Iomraidhean Croise  

هو خداوند جي گھر جا خزانا ۽ بادشاهہ جي گھر جا خزانا لٽي کڻي ويو. هو سڀ ڪجھہ کڻي ويو، جيڪي سون جون ڍالون سليمان ٺهرايون هيون سي بہ کڻي ويو.


پوءِ يهويدع ڪاهن هڪڙي پيتي کڻي انهيءَ جي ڍڪ ۾ هڪڙو سوراخ ڪري هيڪل ۾ قربان‌گاهہ جي ڀرسان ايندڙ ماڻهن جي ساڄي پاسي ۾ رکي ڇڏي. جيڪي ڪاهن دربان مقرر هئا سي هيڪل لاءِ ماڻهن کان ملندڙ پئسا انهيءَ پيتيءَ ۾ وجھي ڇڏيندا هئا.


سو جيئن خداوند اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو، تيئن نبوڪدنضر خداوند جي هيڪل مان ۽ شاهي محل مان سڀ خزانا ميڙي سيڙي کڻائي ويو ۽ سون جون اهي شيون بہ ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي ڇڏيون جيڪي اسرائيل جي بادشاهہ سليمان خداوند جي گھر لاءِ ٺهرايون هيون.


خدا جي گھر جا سڀ ٿانوَ، وڏا توڙي ننڍا، ان جا خزانا ۽ بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جا خزانا، اهي سڀ جو سڀ هو بابل ڏانهن کڻائي ويو.


انهن گودامن تي مون سلميا ڪاهن، صدوق شريعت جي عالم ۽ فداياہ نالي هڪ لاويءَ کي نگران مقرر ڪيو ۽ حنان ولد زڪور ولد متنياہ کي سندن نائب مقرر ڪيم، ڇاڪاڻ تہ اهي ماڻهو ڀروسي جهڙا سمجھيا ويندا هئا. انهن جي ذميواري هئي تہ هو پنهنجي هم‌خدمت ڀائرن کي سندن حصا ورهائي ڏين.


سردار ڪاهنن اهي سڪا کڻي چيو تہ ”هي خون جا پئسا آهن، تنهنڪري انهن پئسن کي هيڪل جي خزاني ۾ وجھڻ جائز نہ آهي.“


اهي رنن‌زالن جا گھر لٽي ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون دعائون گھرن ٿا. انهن کي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ گنهگار قرار ڏنو ويندو.“


عيسيٰ اهي ڳالهيون ان وقت چيون جنهن وقت هو هيڪل ۾ چندي وارين پيتين وٽ تعليم ڏيئي رهيو هو. اتي کيس ڪنهن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻ تہ اڃا سندس وقت نہ آيو هو.


سموري چاندي، سون ۽ اُهي ٿانوَ جيڪي پتل ۽ لوهہ منجھان ٺهيل آهن سي خداوند لاءِ مخصوص آهن. اهي خداوند جي خزاني ۾ جمع ڪيا ويندا.“


پوءِ هنن انهيءَ شهر کي ۽ جيڪي منجھس هو تنهن سميت باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو. فقط چاندي، سون ۽ اهي ٿانوَ جيڪي پتل ۽ لوهہ منجھان ٺهيل هئا سي خداوند جي گھر جي خزاني ۾ جمع ڪيائون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan