Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 2:7 - Muslim Sindhi Bible

7 هن پنهنجو پهريتو پٽ ڄڻيو ۽ انهيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻ تہ مسافرخاني ۾ هنن کي جاءِ ڪانہ ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ انهيءَ پنهنجو پهريتو پٽ ڄڻيو، تنهن کي ٻاروتن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇوتہ اُنهن لاءِ سراءِ ۾ جاءِ ڪانہ هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

7 هن پنهنجي پهريتي پٽ کي جنم ڏنو ۽ انهيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻ تہ مسافرخاني ۾ هنن کي جاءِ ڪانہ ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

7 ऐं उन पांजो पहेरयों पुट ज॒ण्यईं ऐं उन खे कपड़े में वेरे करे चरनीअ में रखयईं; छोके उनन खे मुसाफिरखाने में जग॒ऐ न मिली हुई।

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

7 ھن پنھنجو پھريتو پٽ ڄڻيو ۽ انھيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙھي آھر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻ⁠تہ مسافرخاني ۾ ھنن کي جاءِ ڪانہ ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 2:7
16 Iomraidhean Croise  

هو رات جو هڪ جاءِ تي ترسيا. انهن مان هڪڙي ڄڻي پنهنجي گڏهہ کي داڻي ڏيڻ لاءِ جيئن ئي پنهنجو ٻورو کوليو تہ ڇا ڏسي تہ ٻوري جي منهن ۾ سندس پئسا رکيل هئا!


پر جڏهن اسين هڪ جاءِ تي رات جو ترسياسون ۽ پنهنجا ٻورا کولياسون تڏهن ڏٺوسون تہ اسان مان هر ڪنهن جا پئسا، اوتري جا اوترا، سندس ٻوري جي منهن ۾ پيا آهن. سو اهي اسين موٽائي پاڻ سان کڻي آيا آهيون.


پر مون کي ڪيڙو سمجھيو وڃي ٿو، آءٌ ڄڻ انسان ئي ناهيان. سڀيئي ماڻهو مون کي حقير ۽ ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن.


مصر ڏانهن ويندي رستي ۾ هڪڙيءَ منزل تي خداوند موسيٰ کي گڏيو ۽ کيس مارڻ گھريائين.


تنهن هوندي بہ پروردگار پاڻ تو کي هڪڙي نشاني ڏيکاريندو. ڏس، هڪ ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، جنهن کي پٽ ڄمندو. هوءَ انهيءَ جو نالو ’عمانوايل‘ رکندي.


پر جيستائين مريم پٽ نہ ڄڻيو تيستائين يوسف کيس هٿ بہ نہ لاتو ۽ ٻار جو نالو عيسيٰ رکيائين.


ڇا هي واڍي جو پٽ نہ آهي؟ ڇا هن جي ماءُ جو نالو مريم نہ آهي؟ ۽ يعقوب، يوسف، شمعون ۽ يهوداہ هن جا ڀائر نہ آهن ڇا؟


عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آهن، پر ابنِ آدم کي اها جاءِ بہ ڪانهي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


هن وٽس اچي سندس ڦٽن تي زيتون جو تيل ۽ دارون مکي پٽي ٻڌس ۽ پنهنجي گڏهہ تي چاڙهي مسافرخاني ۾ وٺي آيس ۽ سندس خدمت ڪيائين.


جڏهن هو بيت‌لحم ۾ هئا تہ مريم جي ٻار ڄڻڻ جو وقت اچي ويو.


انهيءَ ئي علائقي ۾ ڪن ريڍارن رات جو ٻنين ۾ رهي پنهنجن ڌڻن جي سنڀال پئي ڪئي،


اهو ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو هن کي پيءُ جي هڪڙي ئي فرزند هئڻ ڪري مليو ۽ هو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


ڏسو، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح اوهان سان ڪيڏي نہ سخاوت ڪئي آهي جو جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تڏهن بہ اوهان جي خاطر غريب بڻيو، تہ جيئن سندس غريب ٿي وڃڻ جي ڪري اوهين دولتمند ٿي وڃو. اهو تہ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


پر جڏهن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنهنجو فرزند ڌرتيءَ تي موڪليو، جنهن کي هڪ عورت جنم ڏنو. هو شريعت جي وس هيٺ هجڻ واري وقت آيو،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan