Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 2:1 - Muslim Sindhi Bible

1 يحيٰ جي پيدائش وارن ڏينهن ۾ قيصر اوگوستس هڪڙو حڪم‌نامو جاري ڪيو تہ سڄي رومي شهنشاهت جي آدمشماري ڪئي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 هاڻي انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ قيصر اگستس اهو حڪم جاري ڪيو تہ سڄيءَ دنيا جي ماڻهن جا نالا لکجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 يوحنا جي پيدائش وارن ڏينهن ۾ قيصر اوگوستس هڪڙو حڪم‌نامو جاري ڪيو تہ سڄي رومي حڪومت جي آدمشماري ڪئي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

1 उनन डी॒ंहन में रोम जे महाराजा औगुस्तुस जे तरफां इयो फरमान निकतो, के सजे॒ रोमी हुकूमतअ जे मांणुन जी जनगणना कई वञे।

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 انھن ڏينھن ۾ شھنشاھہ اگستس ھڪڙو حڪم⁠نامو جاري ڪيو تہ سڄي شھنشاھت ۾ آدمشماري ڪئي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 2:1
13 Iomraidhean Croise  

شهنشاهہ اخسويرس پنهنجي سڄي شهنشاهت ۾ ويندي سمنڊ جي ڏورانهن ٻيٽن تائين رعيت مٿان ڍل مقرر ڪئي.


پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوهين ڇا ٿا سمجھو؟ رومي شهنشاهہ قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟“


آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي سڄيءَ دنيا ۾ ڪئي ويندي، تہ جيئن سڀني قومن لاءِ شاهدي ٿئي. تنهن کان پوءِ هن دنيا جي پڄاڻي ٿيندي.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سڄيءَ دنيا ۾ جتي بہ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪئي ويندي، اُتي هن عورت جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل هن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“


پوءِ هن پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوهين سڄيءَ دنيا ۾ وڃي پوري انسانذات ۾ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪريو.


تنهنڪري هر ڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ پنهنجو نالو لکائڻ ويو.


انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي مڱينديءَ مريم سان گڏ نالو لکائي، جيڪا پيٽ سان هئي.


تبريس نالي رومي قيصر جي حڪومت جو پندرهون سال هو. انهن ڏينهن ۾ يهوديہ صوبي جو گورنر پنطيس پلاطس هو ۽ گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس هو. اِيتوريا ۽ ترخونيتس جي علائقن جو حڪمران هيروديس جو ڀاءُ فلپس هو ۽ ابليني علائقي جو حڪمران لسانياس هو.


انهن مان هڪڙي جو نالو اگبس هو، جيڪو ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ اُٿي بيٺو ۽ پاڪ روح جي وسيلي اڳڪٿي ڪيائين تہ سڄي رومي شهنشاهت ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي. پوءِ قيصر ڪلوديُس جي ڏينهن ۾ ائين ئي ٿيو.


جيڪڏهن آءٌ ڏوهاري آهيان ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم تہ مون کي مرڻ کان انڪار ڪونہ آهي. پر جن ڳالهين جي اهي مون تي تهمت هڻن ٿا، سي سچيون ڪين آهن. پوءِ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اهو حق نہ آهي تہ هو مون کي انهن جي حوالي ڪري. تنهنڪري آءٌ قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان.“


پر جڏهن پولس اپيل ڪئي تہ سندس ڪيس جو فيصلو قيصر جي ڪورٽ ۾ ٿئي، تڏهن مون حڪم ڏنو تہ جيستائين آءٌ کيس قيصر ڏانهن نہ موڪليان تيستائين هو نظربند رهي.“


سڀ کان پهريائين آءٌ اوهان سڀني لاءِ عيسيٰ مسيح جي معرفت پنهنجي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جو اوهان جي ايمان جون ڳالهيون سڄيءَ دنيا ۾ ٿي رهيون آهن.


مسيح ۾ سمورا چونڊي پاڪ ڪيل، خاص ڪري اهي جيڪي قيصر جي محل ۾ آهن، اوهان کي سلام ٿا ڏين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan