Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 17:2 - Muslim Sindhi Bible

2 منهنجي سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪو گناهہ ڏانهن ڌُتاري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 هنن ننڍڙن مان هڪڙي کي بہ جيڪو گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کان هن جي لاءِ چڱو هيئن ٿيندو، تہ جنڊ جو پڙ سندس ڳچيءَ ۾ لڙڪائي هن کي سمنڊ ۾ کڻي اُڇلائجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 منهنجي سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪو پاپ ڏانهن ڌُتاري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

2 जेके बी मुंजे मथां विश्वास कन ता, उनन मां कें नंढे जे लाए बी अगर कोई पाप करण जो कारण ठए तो, त उन जे लाए इयो सुठो आहे, के हिक वडो॒ चक्‍कीअ जो पाट, उन जे गले में लटकाए उन खे सम्डअ में विधो वञे।

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي جيڪو گناھہ ڏانھن ڌُتاري ٿو، تنھن لاءِ چڱو ائين ٿيندو تہ پنھنجي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيئي ٻڏي مري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 17:2
13 Iomraidhean Croise  

هو ڌنار وانگر پنهنجي ڌڻ جي سار سنڀال لهندو. هو گھيٽڙن کي گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو. انهن جي کير پيئاريندڙ مائرن کي هو آهستي آهستي پاڻ سان وٺي هلندو.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ قوم جي ريڍار کي تلوار هڻي ڪڍندس، ۽ پوءِ سندس رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وينديون. هائو، آءٌ سندس سڄي ڌڻ جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس. سو اي تلوار! منهنجي ريڍار خلاف اُٿي کڙي ٿيءُ، يعني انهيءَ جي خلاف جيڪو منهنجو خاص ٻانهو آهي.


پر اسين هنن ٽيڪس اُڳاڙيندڙن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاهيون. تنهنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پهرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو هڪ وڏو سڪو ڏسندين. اهو کڻي وڃي منهنجي ۽ پنهنجي پاران هنن کي هيڪل جي ٽيڪس طور ڏي.“


”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ هنن جا ملائڪ هر وقت منهنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رهن ٿا.


ساڳيءَ طرح اوهان جو آسمان وارو پيءُ نہ ٿو چاهي تہ هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪو هڪڙو بہ گمراهہ ٿي وڃي.“


ابنِ آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي ان تي جيڪو ابنِ آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو دنيا ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“


”انهن سادن سٻاجھن پوئلڳن جن جو مون تي ايمان آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو گمراهہ ڪري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين هو جو انهيءَ کان اڳ ۾ ئي سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي ها.


جڏهن هو نيرن ڪري چڪا تڏهن عيسيٰ شمعون پطرس کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان هنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو خداوند! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”منهنجي گھيٽڙن کي وڃي چار.“


پر مون انهن مان ڪوبہ حق استعمال ڪونہ ڪيو آهي، نڪي آءٌ هي انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان تہ اهڙيون شيون مون کي ملن. آءٌ ان کان پهريائين مرڻ بهتر سمجھان ٿو تہ متان ڪو مون کان اهو فخر کسي وٺي.


ڪمزور ضمير وارن لاءِ آءٌ انهن جهڙو ڪمزور بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان. مطلب تہ جيڪو جهڙو هو تنهن لاءِ آءٌ تهڙو بڻيس، تہ جيئن ڪنهن نہ ڪنهن نموني آءٌ ڪن کي بچايان.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan