Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 11:8 - Muslim Sindhi Bible

8 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو اوهان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اُٿي، پر اوهان جي بار بار گھرندو رهڻ جي ڪري هو اٿندو ۽ جيتريون مانيون اوهان کي گھرج ۾ هونديون اوتريون ڏيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جيتوڻيڪ هو دوستيءَ جي ناتي ڪري اُٿي هن کي نہ بہ ڏئي، تڏهن بہ هن جي گهڻي ليلائڻ ڪري اُٿندو، ۽ جيتريون هن کي کپنديون هونديون، اوتريون ڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

8 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو اوهان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اُٿي، پر اوهان جي بار بار گھرندو رهڻ جي ڪري هو اٿندو ۽ جيتريون روٽيون اوهان کي گھرج ۾ هونديون اوتريون ڏيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

8 मां तवां खे चवां तो, भले ही हू दोस्तीअ जे करे, न बी उथे परअ हू पांजी इज़तअ जे करे, के उहा खराब न थे तवां जे बिना शर्म जे हड़ी घड़ी घुरण जे करे हू उथंदो ऐं तवां खे जेतरी ज़रूरतअ आहे ओतरो डी॒ंदो।

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

8 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھو اوھان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اٿي، پر پنھنجي خواريءَ کان بچڻ جي لاءِ اٿندو ۽ جيتريون مانيون اوھان کي گھرج ۾ ھونديون اوتريون ڏيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 11:8
10 Iomraidhean Croise  

پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ چيس تہ ”هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ڇو تہ پرهہ ڦٽي ويئي آهي.“ تنهن تي يعقوب وراڻيس تہ ”آءٌ تيستائين تو کي وڃڻ نہ ڏيندس جيستائين تون مون کي برڪت نہ ڏيندين.“


تڏهن اوهان جو دوست اوهان کي اندران ورندي ڏئي تہ ’مون کي تڪليف نہ ڏي. هن مهل در بند آهي ۽ آءٌ پنهنجي ٻارن سان گڏ ستل آهيان، تنهنڪري آءٌ اُٿي تو کي ڪجھہ بہ ڏيئي نہ ٿو سگھان.‘


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! عيسيٰ مسيح جيڪو اسان جو خداوند آهي، تنهن جو واسطو ڏيئي ۽ پاڪ روح جي محبت ياد ڏياري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي دل وَ جان سان خدا کان منهنجي لاءِ دعا گھرو


هن بابت مون ٽي دفعا خداوند عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ اهو مون کان پري ڪيو وڃي.


آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان لاءِ، اوهان جي ڀر واري شهر لوديڪيا ۾ رهندڙن لاءِ ۽ انهن سڀني لاءِ جن ذاتي طور مون کي نہ ڏٺو آهي، آءٌ ڪيتري قدر سخت جدوجهد ٿو ڪريان.


اِپفراس جيڪو اوهان مان هڪڙو آهي ۽ عيسيٰ مسيح جو خادم آهي، سو اوهان کي سلام ٿو چوي. هو اوهان جي لاءِ هميشہ ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان دعا ٿو گھري، تہ جيئن اوهين ڪامل ٿي پوري يقين سان هر هڪ ڳالهہ ۾ خدا جي مرضيءَ تي قائم رهو.


تنهن تي دعوت واري ستين ڏينهن تائين هوءَ پنهنجي مڙس اڳيان روئندي رهي. آخر ستين ڏينهن سمسون کيس اها ڳجھارت ٻڌائي، ڇو تہ سندس زال کيس گھڻو تنگ ڪيو. پوءِ هن جي زال وڃي اها ڳجھارت پنهنجي قوم کي ٻڌائي.


حنہ جڏهن خداوند جي حضور ۾ دعا گھرندي پئي رهي، تڏهن عيليءَ سندس چپن ڏانهن غور سان ويٺي ڏٺو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan