لوقا 11:2 - Muslim Sindhi Bible2 عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جڏهن اوهين دعا گھرو تہ هيئن چئجو تہ ’اي بابا! شل تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي، ۽ تنهنجي بادشاهي اچي. Faic an caibideilSindhi Bible2 هن کين چيو، تہ جڏهن اوهين دعا گهرو، تڏهن هيئن چئو تہ اي بابا، تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي، تنهنجي بادشاهي اچي. Faic an caibideilHindu Sindhi Bible2 يسوع چيلن کي چيو تہ ”جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تہ هيئن چئجو تہ ’اي پتا! شل تنهنجو نالو پوِتر مڃيو وڃي، ۽ تنهنجو راڄ اچي. Faic an caibideilSindhi Bible (India)2 येशुअ पांजे चेलन खे चयईं, “जड॒ऐं तवां प्रार्थना कयो त इंय चहे जोः ‘हे पिता, तुंजो नालो पवित्र मञयो वञे, तुंजो राज॒ अचे। Faic an caibideilCommon Language New Testament2 عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جڏھن اوھين دعا گھرو تہ ھيئن چئجو: ’اي بابا! شل تنھنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي، ۽ تنھنجي بادشاھت اچي. Faic an caibideil |
توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“
پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انهن تي ويٺا هئا، تن کي عدالت ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. هي اهي ماڻهو هئا جن جون سسيون عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ ۽ خدا جي پيغام ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون هيون. هنن نہ انهيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪئي، نڪي ان جو نشان پنهنجي پيشانيءَ ۽ هٿ تي هڻايو. اهي جيئرا ٿي مسيح سان گڏ هزار سالن تائين بادشاهي ڪندا رهيا.