Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 10:9 - Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ شهر ۾ جيڪي بيمار هجن تن کي شفا ڏجو ۽ اتان جي ماڻهن کي چئجو تہ ’خدا جي بادشاهي اوهان جي ويجھو اچي پهتي آهي.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ جيڪي اتي بيمار هجن تن کي چڱو ڀلو ڪجو، ۽ انهن کي چئجو تہ خدا جي بادشاهت اچي ويجهي پهتي اٿوَ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 انهيءَ شهر ۾ جيڪي بيمار هجن تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪجو ۽ اتان جي ماڻهن کي چئجو تہ ’ايشور جو راڄ اوهان جي ويجھو اچي پهتو آهي.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

9 उन नगरअ में जेके बी बीमारअ हुजन उनन खे ठीक कजो ऐं संदन खे इंय चहेजो, ‘परमेश्वरअ जो राज॒ तवां जे वेझो अची पौंतो आहे।’

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

9 جيڪي ان شھر ۾ بيمار ھجن تن کي شفا ڏجو ۽ اتان جي ماڻھن کي چئجو تہ ’خدا جي بادشاھت اوھان جي ويجھو اچي پھتي آھي.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 10:9
15 Iomraidhean Croise  

توهان پنهنجي خواب ۾ اهو بہ ڏٺو تہ انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ هڪ پٿر ٽڪر مان ٽٽي نڪتو. انهيءَ پٿر لوهہ، پتل، ٺڪر، چانديءَ ۽ سون کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ انهن ئي حڪمرانن جي ڏينهن ۾ عرش عظيم وارو خدا هڪڙي اهڙي بادشاهت قائم ڪندو، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي. نڪي انهيءَ جي حڪمراني ڪنهن ٻيءَ قوم جي حوالي ڪئي ويندي. اٽلندو اها ٻين سڀني شهنشاهتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ناس ڪندي ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي. سو اي بادشاهہ! ائين ڪرڻ سان عظيم خدا توهان کي اهو ڪجھہ ڏيکاريو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. توهان اهو ئي خواب ڏٺو آهي ۽ ائين ئي ٿيڻو آهي.“


”توبهہ ڪريو جو آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.“


سو انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ”پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.“


عيسيٰ چين تہ ”اسين خدا جي بادشاهيءَ کي ڇا سان ڀيٽيون ۽ ان کي سمجھائڻ لاءِ اسين ڪهڙو مثال ڏيون؟


هنن ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت ڪڍيا ۽ گھڻن ئي بيمارن کي زيتون جو تيل مکي چڱو ڀلو ڪيو.


پر جيڪڏهن ڪنهن شهر ۾ وڃو ۽ اتان جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ ان جي چونڪن تي بيهي هيئن چئجو تہ


’اوهان جي شهر جي مٽي جيڪا اسان جي پيرن کي چنبڙي پئي آهي، سا اوهان وٽ ئي ڇنڊي وڃون ٿا، پر ياد رکو تہ خدا جي بادشاهي اوهان جي ويجھو اچي پهتي آهي.‘


پوءِ انهن کي موڪليائين تہ ”وڃي خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪريو ۽ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريو.“


تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين خدا جي بادشاهي ڏسي نہ سگھندو.“


تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو پاڻيءَ ۽ پاڪ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اهو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.


پولس آخر ۾ چين تہ ”سو اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ خدا جو ڇوٽڪاري وارو اهو پيغام غير قومن ڏانهن موڪليو ويو آهي، جيڪو اهي ٻڌندا بہ.“


هو وڏي دليريءَ سان بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪندي خداوند عيسيٰ مسيح بابت ڳالهين جي تعليم ڏيندو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan