Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 10:6 - Muslim Sindhi Bible

6 جيڪڏهن اتي ڪو سلامتيءَ جو طالب هوندو تہ اوهان جو اهو سلام مٿس رهندو، نہ تہ موٽي اوهان وٽ ايندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 جيڪڏهن اُتي ڪو سلامتيءَ جو فرزند هوندو، تہ اوهان جو سلام مٿس رهندو، نہ تہ موٽي اوهان وٽ ايندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 جيڪڏهن اتي ڪو شانتي چاهيندڙ هوندو تہ اوهان جو اهو نمسڪار مٿس رهندو، نہ تہ موٽي اوهان وٽ ايندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

6 अगर उते कोई एड़ो मांणू हुंदो जेको सुख ऐं शांति चाहींदड़ हुंदो, त तवां जी आसीसअ उन जे मथां रवंदी, न त तवां वट वापस मोटी ईंदी,

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

6 جيڪڏھن اتي ڪو سلامتيءَ جو طالب ھوندو تہ اوھان جو سلام مٿس رھندو، ⁠نہ⁠تہ موٽي اوھان وٽ ايندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 10:6
11 Iomraidhean Croise  

اهي جڏهن بيمار ٿيندا هئا، تڏهن آءٌ هنن لاءِ کٿو ڍڪيندو هئس، ۽ فاقا ڪڍي پنهنجيءَ جان کي ڏک ڏيندو هئس. پوءِ جڏهن هنن لاءِ گھريل منهنجيون دعائون قبوليت بنا موٽي اينديون هيون،


اسان جي لاءِ هڪڙو ٻار پيدا ٿيندو. هائو، اسان جي قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪڙو پٽ عطا ڪيو ويندو. جنهن تي هي نالا رکيا ويندا: بهترين صلاحڪار، قادر خدا، قائم وَ دائم ابو ۽ سلامتيءَ جو شهزادو.


جنهن بہ گھر ۾ وڃو تہ پهريائين انهيءَ گھر جي سلامتي گھرجو.


پوءِ انهيءَ ئي گھر ۾ ايستائين رهي پئجو جيستائين انهيءَ شهر مان روانا نہ ٿيو. رهڻ لاءِ گھر گھر نہ ڦرندا رهجو. هو جيڪي ڪجھہ اوهان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇو تہ مزدور پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي.


خبردار، متان اهڙن ماڻهن جي اجاين ڳالهين سان اوهين ٺڳجي وڃو، ڇاڪاڻ تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


هاڻي سلامتي بخشيندڙ خداوند عيسيٰ پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح سان سلامتي بخشي. شل خداوند عيسيٰ اوهان سڀني ساڻ هجي.


جيڪي ماڻهن ۾ صلح ٿا ڪرائين، سي صلح سان گڏ اهڙو ٻج ٿا پوکين، جيڪو سچائيءَ جو ڦل پيدا ٿو ڪري.


اوهين خدا جي فرمانبردار ٻارن وانگر زندگي گذاريندي اهي بريون خواهشون اختيار نہ ڪريو، جيڪي اوهان جي جهالت واري زماني ۾ اوهان منجھہ هيون.


تنهنڪري هاڻي تون سوچ ۽ ويچار ڪر تہ تو کي ڇا ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي آقا ۽ سندس سڄي گھراڻي تي آفت نازل ٿيڻ واري آهي. باقي نابال تہ اهڙو خبيث ماڻهو آهي جو ڪوبہ ساڻس ڳالهائي ئي نہ ٿو سگھي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan