Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 10:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اوهين پاڻ سان ڪابہ ڳوٿري، ٿيلهو يا وڌيڪ جتي نہ کڻجو ۽ نہ واٽ تي ڪنهن کي سلام ڪرڻ ۾ ئي وقت وڃائجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 اوهين پاڻ سان ڪابہ ڳوٿري يا جهولي يا جتي نہ کڻجو، ۽ ڪنهن کي واٽ تي سلام نہ ڪجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 اوهين پاڻ سان ڪابہ ڳوٿري، ٿيلهو يا وڌيڪ جتي نہ کڻجو ۽ نہ واٽ تي ڪنهن کي نمسڪار ڪرڻ ۾ ئي وقت وڃائجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

4 तवां पाण सां गड॒ ब॒टूं, थेलो ऐं जूता कुछ बी न खणी वञ जो ऐं न रस्ते में वेंदें वक़्त केंखे नमस्कार कजो।

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 اوھين پاڻ سان ڪابہ ڳوٿري، ٻاچڪو يا جتي نہ کڻجو ۽ نہ ڪنھن کي واٽ تي سلام ئي ڪجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 10:4
13 Iomraidhean Croise  

پوءِ هن جي اڳيان کاڌو رکيو ويو، پر هن چيو تہ ”جيستائين آءٌ پنهنجو ڪم نہ ٻڌائيندس تيستائين ڪونہ کائيندس.“ لابن چيس تہ ”چڱو، ٻڌاءِ.“


پر هن چيو تہ ”مون کي نہ روڪيو. خداوند منهنجو پنڌ سجايو ڪيو آهي سو ڇڏيو تہ آءٌ پنهنجي مالڪ وٽ موٽي وڃان.“


تنهن کان پوءِ اها عورت هڪڙي گڏهہ تي آٿر رکي چڙهي ويٺي ۽ پنهنجي نوڪر کي چيائين تہ ”هڪليندو هل، جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين رفتار ۾ ڍر نہ ڪجانءِ.“


تنهن تي اليشع جيحازيءَ کي چيو تہ ”جلدي ڪر، منهنجي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻ ۽ ڊوڙندو وڃ. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تو کي گڏجي تہ انهيءَ کي سلام نہ ڪج ۽ جيڪڏهن ڪو تو کي سلام ڪري تہ انهيءَ کي سلام جو جواب نہ ڏج. سڌو هن عورت جي گھر وڃ ۽ وڃي منهنجي لٺ ٻار جي منهن تي رکج.“


جيڏانهن اوهين وڃو ٿا اوڏانهن ئي سڌو اڳتي نهاريندا هلو ۽ پنهنجا اکين جا ڇپر کڻي هيڏانهن هوڏانهن نہ نهاريو.


عيسيٰ پنهنجي ٻارهن ئي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ ٻن ٻن جي ٽولي ۾ کين روانو ڪرڻ لڳو. انهن کي اختياري ڏنائين تہ هو ماڻهن مان ڀوت ڪڍين


عيسيٰ هنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏهن مون اوهان کي ڳوٿريءَ، ٿيلهي يا وڌيڪ جتيءَ کان سواءِ موڪليو هو، تہ ڇا اوهان کي ڪنهن شيءِ جي ڪمي ٿي هئي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن شيءِ جي بہ نہ.“


پوءِ دائود اخيملڪ کان پڇيو تہ ”ڇا هتي تو وٽ ڪو ڀالو يا ڪا تلوار آهي؟ جيئن تہ بادشاهہ جي ڪم جي تڪڙ هئي، سو آءٌ پاڻ سان پنهنجي تلوار يا ڪي ٻيا هٿيار آڻي نہ سگھيو آهيان.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan