Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 1:74 - Muslim Sindhi Bible

74 تہ هو اسان کي دشمنن جي چنبي مان آزاد ڪرائيندو، تہ جيئن اسين بنا ڪنهن خوف جي سندس عبادت ڪريون،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

74 تہ اسان کي هي عطا ڪري، تہ اسين پنهنجن دشمنن جي هٿان آزاد ٿي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

74 تہ هو اسان کي دشمنن جي چنبي مان آزاد ڪرائيندو، تہ جيئن اسين بنا ڪنهن خوف جي سندس ڀڳتي ڪريون،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

74 के उहो असां खे दुश्मनन जे हथन मां छडा॒ईंदो, ताकि बिना कोई डपअ जे असां हुन जी सेवा करे सग॒ऊं।

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

74 تہ اسان کي دشمنن جي چنبي مان آزاد ڪري ۽ اجازت ڏئي تہ اسين بنا ڪنھن خوف جي سندس عبادت ڪريون،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 1:74
21 Iomraidhean Croise  

اوهين خداوند پنهنجي خدا جي ئي عبادت ڪجو ۽ اهو ئي اوهان کي اوهان جي سڀني دشمنن جي هٿان ڇڏائيندو.“


مون تي ظلم ڪرڻ وارن کان مون کي اچي بچاءِ، تان‌تہ آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪندو رهان.


اها قوم مون پنهنجي لاءِ خلقي آهي، تان‌تہ اهي منهنجي واکاڻ ڳائين.


پر بني اسرائيل کي خداوند بچايو آهي، بلڪ هميشہ جي لاءِ بچائي ورتو آهي. سو اهي ابد تائين ڪڏهن بہ پريشان يا خوار خراب نہ ٿيندا.


”چوٿين، پنجين، ستين توڙي ڏهين مهيني ۾ روزن رکڻ جي بدران هاڻي انهن ڏينهن تي اوهين يهوداہ وارا خوشي، مسرت ۽ شادمانيءَ جون عيدون ملهائيندا رهو. اوهين رڳو سچ ۽ امن سان محبت ڪندڙ ٿيو.“


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ خدا اسان کي دشمنن کان بچائي. هائو، انهن سڀني جي هٿان ڇڏائي، جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا.


هائو، هن پنهنجو اهو عهد پورو ڪيو آهي، جيڪو اسان جي ڏاڏي ابراهيم سان قسم کڻي ڪيو هئائين،


۽ هن جي اڳيان پنهنجي سڄي حياتيءَ جا ڏينهن پاڪ ۽ نيڪ ٿي گذاريون.


پر هاڻي اوهين گناهہ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آهيو، جنهن جو فائدو اوهان کي پاڪيزگيءَ جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ انهيءَ جو نتيجو آهي دائمي زندگي.


ڏسو، اوهان کي اهو روح نہ مليو آهي جيڪو اوهان کي وري ڊپ جو غلام بڻائي. پر اوهان کي اهو روح مليو آهي جنهن جي وسيلي اوهين خدا جا ٻار مقرر ڪيا ويا آهيو. انهيءَ روح جي ڪري اسين سڀيئي خدا کي ”بابا، اي بابا!“ ڪري ٿا پڪاريون.


ائين ڪندو رهہ، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي بزدليءَ وارو روح نہ ڏنو آهي، پر طاقت وارو، محبت وارو ۽ خود ضابطي وارو روح ڏنو اٿس.


اهڙيءَ طرح هو انهن سڀني کي آزاد ڪري، جيڪي موت جي ڊپ کان سڄي عمر غلاميءَ ۾ گرفتار آهن.


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بي‌عيب قربانيءَ طور پيش ڪيو.


جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ ابليس آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي زندگيءَ جو تاج پارائيندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan