Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لوقا 1:30 - Muslim Sindhi Bible

30 تڏهن ملائڪ چيس تہ ”مريم! ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ خدا تو تي مهربان آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

30 تڏهن ملائڪ چيس، تہ اي مريم! ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو خدا تو تي مهر ڪئي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

30 تڏهن دوت چيس تہ ”مريم! ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ ايشور تو تي ڪرپالو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible (India)

30 स्वर्ग॒दूतअ उन खे चयो, “हे मरियम, ड॒क न, छोके परमेश्वरअ जो अनुग्रह तुंजे मथां थ्यो आहे।

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

30 تڏھن ملائڪ چيس تہ ”مريم، ڊڄ نہ، ڇالاءِ⁠جو خدا تو تي مھربان آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لوقا 1:30
13 Iomraidhean Croise  

پر نوح خداوند جي نظر ۾ مقبول ٿيو.


تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس.


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين جيتوڻيڪ ٿورا ۽ ڪمزور آهيو، تہ بہ اوهين نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو مددگار آهيان. هائو، آءٌ اوهان جو ڇڏائيندڙ ۽ پاڪ معبود آهيان.


آءٌ خداوند آهيان جنهن اوهان کي خلقيو آهي. اوهان جي ڄمڻ واري ڏينهن کان ئي مون اوهان جي سنڀال پئي ڪئي آهي. سو اي بني اسرائيل! اوهين ڊڄو نہ، اوهين منهنجا ٻانها آهيو، منهنجي چونڊيل قوم، جنهن سان آءٌ پيار ٿو ڪريان.


تنهن تي عيسيٰ هڪدم کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان، دلجاءِ ڪريو.“


انهيءَ ملائڪ عورتن کي چيو تہ ”اوهين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين عيسيٰ کي ڳولي رهيون آهيو، جيڪو صليب تي چاڙهيو ويو هو.


تنهن تي خداوند جي ملائڪ چيس تہ ”اي زڪرياہ! ڊڄ نہ. تنهنجي دعا قبول ڪئي ويئي آهي. سو تنهنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يحيٰ رکج.


عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا ننڍڙا ڌڻ! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي پيءُ جي مرضي آهي تہ هو اوهان کي پنهنجي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪري.


۽ چيائين تہ ’اي پولس! ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين ۽ ڏس، هي جيڪي ماڻهو جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي خدا تنهنجي خاطر بچايو آهي.‘


سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟


تنهنڪري اسين پوري يقين سان چئي ٿا سگھون تہ ”خداوند منهنجو مددگار آهي، سو آءٌ ڪين ڊڄندس. انسان مون کي ڇا ٿو ڪري سگھي؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan