Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 9:9 - Muslim Sindhi Bible

9 هارون جي پٽن انهيءَ جو رت وٽس آڻي پيش ڪيو ۽ هن پنهنجي آڱر انهيءَ رت ۾ ٻوڙي قربان‌گاهہ جي سڱن تي لڳايو ۽ باقي رت قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ هارون جي پٽن انهي جو رت آڻي وٽس حاضر ڪيو، ۽ هن پنهنجي آڱر رت ۾ ٻوڙي قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيائين؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 9:9
14 Iomraidhean Croise  

هي بلڪل مٿيون حصو هو جنهن تي قربانيون ساڙيون وينديون هيون، سو پڻ ٻہ ميٽر اوچو هو. انهيءَ جي چئني ڪنڊن تي سڱ ٺهيل هئا جيڪي مٿئين حصي جي ڪناري کان وڌيڪ اوچا هئا.


انهيءَ وهڙي جي رت مان ڪجھہ کڻي قربان‌گاهہ جي چئني ڪنڊن وارن سڱن تي، وچين حصي جي چئني ڪنڊن ۽ چوڌاري واري ڪناري تي ڇٽڪاريو وڃي. اهڙيءَ طرح اها قربان‌گاهہ پاڪ ٿي ويندي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ پليتي نہ رهندي.


پوءِ هو ٻاهر نڪري انهيءَ قربان‌گاهہ وٽ اچي جيڪا مون خداوند جي آڏو آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري. هو وهڙي ۽ ٻڪر جي رت مان ڪجھہ کڻي قربان‌گاهہ جي چئني ڪنڊن وارن سڱن تي لڳائي.


ڪاهن انهيءَ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جي رت مان ڪجھہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ جي سڱن تي لڳائي ۽ باقي رت انهيءَ قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


ڪاهن انهيءَ جي رت مان ڪجھہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ جي سڱن تي لڳائي ۽ باقي رت انهيءَ قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


تڏهن موسيٰ انهيءَ کي ذبح ڪيو ۽ انهيءَ جو رت کڻي پنهنجيءَ آڱر سان قربان‌گاهہ جي چئني سڱن تي لڳائي قربان‌گاهہ کي پاڪ ڪيائين. باقي رت هن قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ جو ڪفارو ڏنو تہ جيئن اها مخصوص ٿئي.


انهيءَ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ مان هن چرٻي، بڪيون ۽ جيري جو پردو ڪڍي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙيا، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


پوءِ هارون ساڙڻ واري قربانيءَ جو گھٽو ذبح ڪيو ۽ سندس پٽن انهيءَ جو رت وٽس آڻي پيش ڪيو. هن اهو قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏيو.


هن قوم جي لاءِ سلامتيءَ جي قربانيءَ طور ڏاند ۽ گھٽو بہ ذبح ڪيو. سندس پٽن انهيءَ جو رت وٽس آڻي پيش ڪيو، جيڪو هن قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاريو.


حقيقت ۾ خدا، جنهن جي لاءِ ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن کي اهو مناسب لڳو تہ گھڻن ٻارن کي عظمت ۾ داخل ڪرڻ لاءِ عيسيٰ کي تڪليفن جي وسيلي سندن ڇوٽڪاري جو ڪامل وسيلو بڻائي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan