Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 9:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ هارون ساڙڻ واري قربانيءَ جو گھٽو ذبح ڪيو ۽ سندس پٽن انهيءَ جو رت وٽس آڻي پيش ڪيو. هن اهو قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 پوءِ هن سوختني قرباني ذبح ڪئي؛ ۽ هارون جي پٽن انهي جو رت آڻي کيس ڏنو، ۽ هن اهو قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 9:12
9 Iomraidhean Croise  

تنهن تي هارون موسيٰ کي وراڻيو تہ ”ڏس، اڄ ئي هنن خداوند جي حضور ۾ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ پنهنجي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪئي آهي. جڏهن تہ مون سان اهڙا حادثا ٿي گذريا آهن، پوءِ جيڪڏهن آءٌ اڄ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني کاوان ها تہ خداوند جي نظر ۾ اهو چڱو هجي ها ڇا؟“


باقي گوشت ۽ کل هن خيمي‌گاهہ کان ٻاهر ساڙي ڇڏيا.


پوءِ هنن ساڙڻ واري قربانيءَ جي گھٽي جا ٽڪر ان جي منڍيءَ سميت هارون کي ڏنا، جيڪي هن قربان‌گاهہ تي رکي ساڙيا.


انهيءَ کان پوءِ هن ساڙڻ واري قربانيءَ جو گابو ۽ گھيٽو اڳيان آندو ۽ قاعدي موجب انهن کي قربان ڪيائين.


هارون جي پٽن انهيءَ جو رت وٽس آڻي پيش ڪيو ۽ هن پنهنجي آڱر انهيءَ رت ۾ ٻوڙي قربان‌گاهہ جي سڱن تي لڳايو ۽ باقي رت قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيائين.


اوهين پيار ڀري زندگي گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذراني طور قربان ڪري ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan