11 باقي گوشت ۽ کل هن خيميگاهہ کان ٻاهر ساڙي ڇڏيا.
11 ۽ گوشت ۽ کل منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ ۾ ساڙي ڇڏيائين.
پوءِ انهيءَ ذبح ڪيل وهڙي کي خيميگاهہ کان ٻاهر آندو وڃي ۽ اتي هو ان کي اهڙيءَ طرح ئي ساڙي جهڙيءَ طرح پهرئين وهڙي کي ساڙيو ويندو آهي. اهڙي ئي طريقي سان قوم جي پاڪ ٿيڻ واسطي اها قرباني پيش ڪئي وڃي.
پر هن باقي وهڙي کي سندس کل، گوشت ۽ اوجھہ سميت خيميگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃي ساڙي ڇڏيو، جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.
انهيءَ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ مان هن چرٻي، بڪيون ۽ جيري جو پردو ڪڍي قربانگاهہ تي رکي ساڙيا، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
پوءِ هارون ساڙڻ واري قربانيءَ جو گھٽو ذبح ڪيو ۽ سندس پٽن انهيءَ جو رت وٽس آڻي پيش ڪيو. هن اهو قربانگاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏيو.