Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 9:1 - Muslim Sindhi Bible

1 مخصوصيت جي ستن ڏينهن بعد اٺين ڏينهن تي موسيٰ هارون، سندس پٽن ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن کي پاڻ وٽ سڏايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ اٺين ڏينهن هيئن ٿيو، جو موسيٰ، هارون ۽ سندس پٽن کي، ۽ بني اسرائيل جي بزرگن کي پاڻ وٽ سڏيو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 9:1
9 Iomraidhean Croise  

پوءِ اٺين ڏينهن هو ٻن بي‌عيب گھيٽن ۽ هڪڙي بي‌عيب هڪسالي گھيٽيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ لاءِ زيتون جي تيل ۾ ڳوهيل ٽي ڪلوگرام ميدو ۽ اڌ ليٽر زيتون جو تيل کڻي اچي.


اهو ماڻهو پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ اٺين ڏينهن تي اهي شيون مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ مون خداوند جي حضور ۾ ڪاهن کي آڻي ڏئي.


اٺين ڏينهن تي هو ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر کڻي، مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ مون خداوند جي حضور ۾ آڻي ڪاهن کي ڏئي.


اٺين ڏينهن هوءَ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر کڻي، مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي ڪاهن وٽ آڻي.


جيئن اڄ ڪيو ويو آهي تيئن ئي خداوند حڪم ڏنو هو تہ اوهان جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ ڪيو وڃي. جيستائين اوهان جي مخصوصيت جا ست ڏينهن پورا نہ ٿين تيستائين اوهين خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ کان ٻاهر نہ وڃجو. ستن ڏينهن ۾ هو اوهان کي مخصوص ڪري ڇڏيندو.


سو هارون ۽ سندس پٽن سڀيئي ڪم خداوند جي حڪمن موجب ڪيا جيڪي هن موسيٰ جي معرفت ڏنا هئا.


اٺين ڏينهن هو ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر، مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي ڪاهن وٽ آڻي.


سبت جي ڏينهن کان پوءِ جڏهن آچر جي پرهہ ڦٽڻ لڳي تہ مريم مگدليني ۽ ٻي مريم قبر ڏانهن ويون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan