Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 8:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي اڳتي اڱڻ ۾ آندو ۽ کين وهنجاريائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي وٺي آيو، ۽ پاڻيءَ سان وهنجاريائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 8:6
19 Iomraidhean Croise  

اي خداوند! آءٌ تنهنجي هيڪل ۾ پنهنجي بي‌ڏوهي هجڻ جي ثابتي ڏيڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڌوئي تنهنجي قربان‌گاهہ جو طواف ٿو ڪريان.


تون منهنجي بڇڙائيءَ کي چڱيءَ طرح مون مان ڌوئي ڪڍ. منهنجي گناهہ کان مون کي صاف سٿرو ڪري ڇڏ.


مون کي صاف ڪري اهڙو پاڪ ڪري ڇڏ، جيئن قربانيءَ جي رت مان زوفا ٻوڙي ڪنهن کي ڇٽڪاري پاڪ ڪجي ٿو. تون مون کي اهڙو ڌوئي صاف ڪر جيئن آءٌ کير کان بہ اڇو ٿيان.


هارون ۽ سندس پٽن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي در وٽ وٺي آڻي تڙ ڪرائج.


اهو هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن ۽ پيرن ڌوئڻ لاءِ استعمال ٿئي.


جڏهن بہ هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اچن، تڏهن پاڻيءَ سان وضو ڪن، انهيءَ لاءِ تہ مري نہ پون. جڏهن هو قربان‌گاهہ تي مون خداوند جي خدمت لاءِ ڪي بہ ساڙيون ويندڙ قربانيون ڪرڻ اچن، تڏهن بہ ائين ئي ڪن.


پوءِ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي در وٽ آڻي، کين غسل ڪرائج.


سو اوهين وهنجو ۽ پاڻ کي پاڪ صاف ڪريو. اوهين بڇڙا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيو، جيڪي آءٌ اوهان ۾ ڏسان ٿو. هائو، بڇڙائيءَ کان توبهہ‌تائب ٿيو.


آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇٽڪاريندس، جنهن سان اوهين پاڪ ٿي ويندا. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي سڀني بتن کان بلڪ هر قسم جي گندگيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندس.


هارون ڪاهنن وارو هي لباس پائي: سڻيءَ جو پهراڻ، سڻيءَ جي سٿڻ، سڻيءَ جو پٽو ۽ سڻيءَ جي پڳ. اهو مخصوص لباس آهي، تنهنڪري هو وهنجي پوءِ اهو پائي.


تڏهن موسيٰ انهن کي چيو تہ ”هينئر آءٌ اهو ڪم ڪريان ٿو، جنهن بابت خداوند حڪم ڏنو آهي.“


انهيءَ ڏينهن دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن کي سندن گناهن ۽ ناپاڪائيءَ کان ڌوئي پاڪ ڪرڻ لاءِ هڪڙو چشمو جاري ٿيندو.


اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي گناهن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو.


هن انهيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن ڪليسيا کي خوشخبريءَ جي وسيلي پاڻيءَ سان غسل ڪرائي صاف ڪري مخصوص ۽ پاڪ بڻائي.


سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير گناهن کان پاڪ ٿيل آهن ۽ اسان جا جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان ظاهري پاڪ صاف ٿيڻ جون رسمون آهن، يعني اهي اهڙا ظاهري قاعدا آهن جيڪي انهيءَ وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا جيستائين نئون سڌارو اچي.


مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سائين! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پاڪ صاف ڪري اڇا ڪيا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan