پوءِ دائود ڏکڻ طرف مصر جي سيحور نديءَ کان وٺي اتر ۾ حمات لڪ تائين بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏائي گڏ ڪيو، تہ جيئن قريتيعريم مان خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچڻ وقت اهي موجود هجن.
تنهن کان پوءِ سليمان بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي سردارن ۽ گھراڻن جي وڏن کي گھرائي يروشلم ۾ پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر صيئون مان کڻي هيڪل ۾ آڻجي.
جڏهن بني اسرائيل پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي ويا، تڏهن ستين مهيني جي پهرينءَ تاريخ تي سڀ ماڻهو يڪمشت ٿي يروشلم جي پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان کُليل ميدان ۾ اچي گڏ ٿيا. شريعت جي عالم عزرا ڪاهن کي هنن عرض ڪيو تہ هو موسيٰ جي شريعت جو ڪتاب آڻي پڙهي ٻڌائي، جنهن ۾ خداوند بني اسرائيل لاءِ حڪم ڏنا آهن.
پوءِ جيڪو ڪاهن هن کي پاڪ قرار ڏئي سو انهيءَ پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ کي انهن شين سميت مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي مون خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪري.