Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 7:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پاڪ ٿيڻ واسطي ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين جو قاعدو هڪڙو ئي آهي، جو هي آهي تہ جيڪو ڪاهن انهيءَ قربانيءَ سان ڪفارو ادا ڪري ٿو تنهن کي ئي انهيءَ جو گوشت ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 جهڙي گناهہ جي قرباني آهي، تهڙي خطا جي قرباني آهي، انهي جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي: جيڪو ڪاهن انهيءَ سان ڪفارو ڪري، تنهن کي ئي اها ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 7:7
11 Iomraidhean Croise  

قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين جا پئسا پيتيءَ ۾ نہ وڌا ويندا هئا. پر اهي پئسا ڪاهنن جي ملڪيت هوندا هئا.


انهيءَ دوران ارام جي بادشاهہ حزائيل، جات شهر تي حملو ڪري مٿس قبضو ڪري ورتو. تنهن کان پوءِ هو يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ ڦريو.


پوءِ هو انهيءَ گھيٽي کي انهيءَ مخصوص جاءِ ۾، جتي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ ساڙڻ واري قرباني ذبح ڪبي آهي، اتي ذبح ڪري. جهڙيءَ طرح پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ڪاهن جي آهي تهڙيءَ طرح هيءَ قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني بہ ڪاهن جي آهي. اها مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.


انهيءَ اناج جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي سو ڪاهنن جو ٿيندو. اهو مون خداوند جي لاءِ مخصوص حصو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو منهنجي لاءِ ئي ساڙيون ويندڙ قربانين مان آهي.


انهيءَ اناج جي قربانيءَ مان باقي بچيل حصو ڪاهنن جو ٿيندو. جيئن تہ اهو حصو بہ مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان آهي، تنهنڪري اهو مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.


انهيءَ ۾ خمير گڏي نہ پچايو وڃي. مون پنهنجين ساڙيون ويندڙ قربانين مان بچائي اهو سندن حصي طور کين ڏنو آهي ۽ اهو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ وانگر مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.


جيڪو ڪاهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪري ٿو، قرباني ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ جي کل ڪاهن جي ٿيندي.


جيڪڏهن اهو ماڻهو مري ويو هجي ۽ سندس ڪو ويجھو مائٽ بہ نہ هجي، جنهن کي اهو عيوضو ڏنو وڃي، تہ پوءِ اهو عيوضو مون خداوند لاءِ آهي، جيڪو ڪاهن کي ڏنو وڃي. انهيءَ کان سواءِ ڪفاري جو گھٽو بہ ڪاهن کي قربانيءَ لاءِ ڏنو وڃي.


يا وري بني اسرائيل تي نظر ڪريو. ڇا اهي قربانين کائڻ وارا قربان‌گاهہ جي خدمت ۾ شامل نہ آهن؟


اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آهن سي هيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي قربان‌گاهہ جا خدمتگار آهن سي قربانيءَ مان ٿا حصو وٺن؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan