Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 7:6 - Muslim Sindhi Bible

6 ڪاهنن جي گھراڻن جا رڳو مرد انهيءَ مان کائين. پر اها مخصوص جاءِ تي ئي کائجي، ڇو تہ اها خاص قرباني مون لاءِ ئي مخصوص آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ ڪاهنن مان سڀ ڪو مرد ماڻهو ڀلي انهيءَ مان کائي: اها ڪنهن پاڪ هنڌ تي ويهي کائجي: اها تمام پاڪ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 7:6
11 Iomraidhean Croise  

پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيڪل جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي وارا اهي ڪمرا خداوند جي خدمت لاءِ ئي مخصوص آهن. انهن ڪمرن ۾ خداوند جا چونڊيل ڪاهن قربانين جون اهي شيون کائيندا جيڪي خداوند لاءِ ئي مخصوص آهن. اناج جون قربانيون، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيون بہ اتي ئي رکيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ قربانيون رڳو خداوند لاءِ مخصوص آهن.


انهيءَ اناج جي قربانيءَ مان باقي بچيل حصو ڪاهنن جو ٿيندو. جيئن تہ اهو حصو بہ مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان آهي، تنهنڪري اهو مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.


البت هو منهنجي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ کائي سگھي ٿو، پوءِ اها خوراڪ ڪاهنن لاءِ مخصوص ٿيل هجي توڙي مون لاءِ ئي مخصوص هجي.


پوءِ هو پنهنجي اها خاص پوشاڪ لاهي ٻي پائي ۽ اتان اها رک کڻي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر ڪنهن پاڪ جاءِ تي وڃي رکي.


ڪاهنن جي گھراڻن جا رڳو مرد انهيءَ مان کائي سگھن ٿا، ڇو تہ اها خاص قرباني مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.


ڪاهن انهن کي قربان‌گاهہ تي رکي مون خداوند جي حضور ۾ ساڙي. اهڙيءَ طرح قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني پيش ڪئي وڃي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو قرباني ڪيل گوشت مان ڪو ٽڪرو پنهنجي لباس جي دامن ۾ وجھي کنيو وڃي ۽ سندس دامن ڪنهن ماني، ڀاڄي، مئي، زيتون جي تيل يا ڪنهن بہ قسم جي کاڌي واري شيءِ کي لڳي پوي تہ پوءِ ڇا اها شيءِ بہ پاڪ ٿي پوندي؟“ جڏهن حجيءَ اهو سوال ڪاهنن کان پڇيو تہ هنن وراڻيو تہ ”نہ.“


يا وري بني اسرائيل تي نظر ڪريو. ڇا اهي قربانين کائڻ وارا قربان‌گاهہ جي خدمت ۾ شامل نہ آهن؟


اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آهن سي هيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي قربان‌گاهہ جا خدمتگار آهن سي قربانيءَ مان ٿا حصو وٺن؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan