Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 7:23 - Muslim Sindhi Bible

23 بني اسرائيل لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”اوهين وهڙي، رڍن يا ٻڪرين جي چرٻي نہ کائجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

23 بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ اوهين وهڙي، يا گهٽي، يا ٻڪريءَ جي چرٻي نہ کائجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 7:23
11 Iomraidhean Croise  

اوهين پنهنجن ڏاندن ۽ رڍن سان بہ ائين ئي ڪجو. ست ڏينهن اهو ٻچو پنهنجيءَ ماءُ سان هجي ۽ اٺين ڏينهن اهو مون کي ڏجو.


ڪاهن انهن جو رت خيمي جي سامهون اڱڻ ۾ منهنجي قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاري ۽ انهن جي چرٻي منهنجي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ واسطي ساڙي.


انهيءَ سبب جو هن قوم جي عقل کي تالو لڳل آهي. اهي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آهن، ۽ انهن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن، پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘“


اهڙيءَ طرح فضيلت سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي. سو اوهين نہ نشي ۾ مست ٿي بداخلاقيءَ ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوت‌پرستيءَ ۾ ۽ نہ وري جھيڙي ۽ حسد ۾ هلو.


هاڻي جيڪڏهن اوهين انساني فطرت موجب زندگي گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏهن پاڪ روح جي وسيلي انساني فطرت وارن خراب ڪمن کي ناس ڪندا تہ جيئرا رهندا.


هائو، اهي جن سدائين اوهان جي قربانين جو سڻڀو مال پئي کاڌو ۽ اوتڻ وارين قربانين جي مئي ٿي پيتائون. هاڻ ڀل تہ اهي اُٿي اچن ۽ اوهان جي مدد اچي ڪن، ڀل اُهي اچي اوهان جو بچاءُ بڻجن.


اي عيلي! تون پنهنجي پٽن کي مون کان وڌيڪ عزت ڇو ٿو ڏئين؟ اوهين منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي سڀني قربانين مان عمدا حصا کائي پاڻ کي ٿلهو متارو ڪريو ٿا. منهنجي انهن قربانين ۽ نذرانن، جن لاءِ مون حڪم ڪيو هو تہ اهي منهنجي گھر ۾ پيش ڪيا وڃن، تن ۾ اوهين ڇو ٿا اکيون وجھو؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan