لاوي سرشتو 7:21 - Muslim Sindhi Bible21 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي، پوءِ اها ناپاڪ شيءِ انسان جي هجي يا جانور جي يا ٻي ڪا ناپاڪ مڪروهہ شيءِ هجي، تہ انهيءَ حالت ۾ جي هو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت کائيندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.“ Faic an caibideilSindhi Bible21 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي، پوءِ اها ناپاڪي ماڻهو جي هجي توڙي جانور جي هجي، يا ڪا ٻي ناپاڪ مڪروهہ شيءِ هجي، ۽ انهيءَ حالت ۾ خداوند جي لاءِ چاڙهيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو. Faic an caibideil |
خداوند کين بني اسرائيل لاءِ وڌيڪ فرمايو تہ ”انهيءَ ئي ڏينهن کان وٺي ستن ڏينهن تائين اوهين بيخميري ماني کائجو. اوهين عيد جي پهرئين ئي ڏينهن خمير پنهنجن گھرن مان ڪڍي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو پهرئين ڏينهن کان وٺي ستين ڏينهن تائين ڪڏهن بہ خميري ماني کائيندو، تہ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.