Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 7:18 - Muslim Sindhi Bible

18 جيڪڏهن انهيءَ گوشت مان ٽئين ڏينهن تائين ڪجھہ کائبو تہ اها قرباني قبول نہ پوندي، نڪي انهيءَ جو اجورو قرباني ڏيڻ واري کي ملندو، ڇو تہ اهو گوشت حرام آهي ۽ جيڪو انهيءَ مان کائيندو تنهن جو گناهہ انهيءَ جي مٿان پوندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 جيڪڏهن هن جي سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ڪجهہ گوشت ٽئين ڏينهن تائين کائبو، تہ اها قبول نہ پوندي، نڪي اها ڏيڻ واري جي بِلي شمار ٿيندي: اهو گوشت مڪروهہ آهي، ۽ جيڪو انهي مان کائيندو تنهن تي انهي جي گناهہ جو بار پوندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 7:18
31 Iomraidhean Croise  

سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.


رات جو اهي غارن ۽ مقبرن ۾ وڃي مئلن جي روحن سان صلاح مشورا ٿا ڪن. اهي سوئر جو گوشت ٿا کائين، ۽ پنهنجن ٿانون ۾ اهڙو شوربو ٿا پيئن، جيڪو بتن تي قربان ڪيل ڪراهت جهڙين شين مان ٺهيل آهي.


سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا رستا اختيار ڪندي پنهنجي دل کي ڪراهت وارين شين سان بيحد خوش ٿا رکن. هڪڙي پاسي اهي ڍڳي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري انسانن جو قتل ٿا ڪن. هڪڙي پاسي اهي گھيٽي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري پوڄا ۾ ڪتن جون سسيون ٿا مروڙين. هڪڙي پاسي اهي اناج جي قرباني تہ پيش ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري سوئر جو رت ٿا پيش ڪن. هڪڙي پاسي اهي منهنجي نالي لوبان تہ ساڙين ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري ڪنهن بت جي پوڄا ٿا ڪن.


پر آءٌ خداوند هن قوم بابت چوان ٿو تہ هنن کي منهنجي راهہ کان ڀٽڪڻ تمام گھڻو پسند آيو آهي، هنن پنهنجن پيرن کي رُلڻ کان نہ روڪيو آهي. تنهنڪري آءٌ خداوند هنن کي قبول نہ ٿو ڪريان. هاڻ آءٌ هنن جي بدڪارين کي ياد ڪري کين ڪيل گناهن جي سزا ڏيندس.“


جيتوڻيڪ هو روزا رکندا تہ بہ آءٌ سندن دانهن نہ ٻڌندس. توڙي جو هو ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اناج جون قربانيون پيش ڪندا تہ بہ آءٌ اهي کانئن قبول نہ ڪندس. اٽلندو آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان کين ناس ڪري ڇڏيندس.“


رڳو اهو ئي ماڻهو سزا لوڙيندو جيڪو گناهہ ڪري ٿو. نڪي اولاد والدين جي گناهن جي سزا لوڙيندو ۽ نہ وري والدين اولاد جي گناهن جي. نيڪ ماڻهوءَ کي سندس نيڪيءَ جو اجر ملندو ۽ بدڪار ماڻهوءَ کي سندس ڪيل بڇڙائين جي سزا ملندي.


اهي منهنجي لاءِ قربانيون پيش ڪري انهن جو گوشت کائين ٿا، پر آءٌ خداوند اهڙيون قربانيون قبول ئي نہ ٿو ڪريان. هاڻي آءٌ سندن بدڪاريءَ جي ڪري، کين ڪيل گناهن جي سزا ڏيندس. هائو، آءٌ کين وري مصر ڏانهن موٽائيندس.


”اوهان پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني مخصوص جاءِ ۾ وڃي کاڌي ڇو نہ؟ جڏهن تہ اها قرباني خدا لاءِ ئي مخصوص آهي. خداوند اوهان کي ان جي ادا ڪرڻ بابت انهيءَ لاءِ فرمايو آهي تہ جيئن قوم جا گناهہ کڻي، سندس حضور ۾ اهڙيءَ طرح ڪفارو ادا ڪيو وڃي.


تنهن تي هارون موسيٰ کي وراڻيو تہ ”ڏس، اڄ ئي هنن خداوند جي حضور ۾ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ پنهنجي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪئي آهي. جڏهن تہ مون سان اهڙا حادثا ٿي گذريا آهن، پوءِ جيڪڏهن آءٌ اڄ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني کاوان ها تہ خداوند جي نظر ۾ اهو چڱو هجي ها ڇا؟“


زمين تي سرندڙ سڀيئي جيت مڪروهہ آهن ۽ کائڻ جائز نہ آهن.


پر جيڪڏهن هو نڪي ڪپڙا ڌوئيندو ۽ نہ وهنجندو، تہ پوءِ انهيءَ جو نتيجو پاڻ ڀوڳيندو.“


جڏهن اوهين مون خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قرباني ذبح ڪريو، تڏهن اها اهڙيءَ طرح پيش ڪجو جو اها اوهان جي طرفان مون وٽ قبول پوي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سڳيءَ يا ماٽيليءَ ڀيڻ کي پاڻ سان رهائيندو ۽ اُهي هڪٻئي جي اوگھڙ ڏسندا، تہ اها تمام شرم جهڙي ڳالهہ آهي. سو انهن ٻنهي کي پوريءَ قوم آڏو ظاهر ظهور بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ماڻهوءَ پنهنجي ڀيڻ جي عزت ورتي آهي. سندس گناهہ سندس ئي سر تي هوندو.


اوهين پنهنجي ماسيءَ يا پڦيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو. جيڪو ائين ڪري ٿو سو پنهنجي ويجھي مائٽياڻيءَ جي عزت وٺي ٿو ۽ انهيءَ جو گناهہ ٻنهي جي سر تي هوندو.


جنهن ڍڳي يا گھيٽي جو ڪو عضوو گھٽ وڌ هجي، سو خوشيءَ جي قربانيءَ طور ڀلي پيش ڪيو وڃي، پر ڪنهن باس جي لاءِ اهو قبول نہ پوندو.


نڪي هو ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جي هٿان انهن مان ڪو وٺي مون خدا جي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ طور پيش ڪن. اهڙن عيبدار جانورن ۾ خرابي آهي ۽ اهي هنن جي طرفان قبول نہ پوندا.“


جيڪڏهن ڪو ماڻهو قصور ڪري ڪو اهڙو ڪم ڪري وجھي جنهن لاءِ مون خداوند منع ڪئي آهي، پوءِ جيتوڻيڪ انهيءَ جي خبر نہ بہ هجيس تہ بہ هو ڏوهاري آهي ۽ گناهہ جو بار مٿس پوندو.


جيڪو گوشت ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي لڳي سو هرگز نہ کائجي، بلڪ اهو ساڙي ڇڏجي. باقي جيڪو ٻيو گوشت آهي سو هر ڪو ماڻهو پاڪائيءَ سان ڀلي کائي.


هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون، ۽ اناج جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ آءٌ اُهي بہ قبول نہ ڪندس. نڪي آءٌ اوهان جي ٿلهن متارن جانورن جي سلامتيءَ واري قربانيءَ تي ئي ڪو ڌيان ڏيندس.


جيڪر اوهان منجھہ ڪو اهڙو هجي جيڪو منهنجي عبادت‌گاهہ جا دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ جيئن اوهين منهنجي قربان‌گاهہ تي اهڙي اجائي نموني قربانيون نہ ساڙي سگھو. آءٌ اوهان مان راضي نہ آهيان، نہ ئي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانا قبول ڪندس.


اوهين ائين بہ ٿا سوچيو تہ ’هيءَ ڪهڙي نہ اسان سان جٺ آهي،‘ سو اوهين انهيءَ تي منهن ۾ گھنج ٿا وجھو. اوهين زوريءَ کسيل، منڊا ۽ بيمار جانور قربانيءَ لاءِ آڻيو ٿا، ڇا آءٌ اهي اوهان جي هٿان قبول ڪندس؟


اوهان جو اهو نذرانو ان ۽ مئي جي پهرين پيداوار جي قربانيءَ جي برابر سمجھيو ويندو.


تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين انهن منجھان آهيو جيڪي ماڻهن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو آهي.“


ابراهيم جو طهر پوءِ ٿيو، جيڪو انهيءَ ثابتيءَ جو نشان هو تہ خدا سندس ايمان رکڻ جي ڪري ئي کيس اڻ‌طهريل حالت ۾ پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح ابراهيم انهن سڀني جو پيءُ آهي، جيڪي طهر کان سواءِ خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ خدا کين پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکي ٿو.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي گناهن کي کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ گناهن لاءِ قربان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين گناهن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيئرا رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan