لاوي سرشتو 7:16 - Muslim Sindhi Bible16 جيڪڏهن ڪو ماڻهو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو جانور ڪنهن باسيل توڙي خوشيءَ جي قربانيءَ طور ذبح ڪري، تہ انهيءَ جو گوشت بہ قرباني ڪرڻ واري ڏينهن کاڌو وڃي، پر جي انهيءَ مان ڪجھہ بچي پوي تہ اهو ٻئي ڏينهن کائي ڇڏجي. Faic an caibideilSindhi Bible16 پر جيڪڏهن هن جي قرباني ڪنهن مڃت، يا خاص خوشيءَ جي قرباني هجي، تہ اها بہ انهيءَ ڏينهن کائڻ ۾ اچي جنهن ڏينهن اها پيش ڪئي وڃي: پر جيڪڏهن انهيءَ مان ڪجهہ باقي بچي، تہ اهو ٻئي ڏينهن صبح جو کائجي: Faic an caibideil |
ملڪ جو حڪمران جڏهن بہ منهنجي حضور ۾ پنهنجي مرضيءَ سان قربانيءَ طور ساڙڻ واري قرباني يا سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪرڻ چاهي، تڏهن هن لاءِ اندرين اڱڻ جي اوڀر طرف وارو لنگھہ کوليو وڃي. هو پنهنجيون اهي قربانيون اهڙيءَ طرح پيش ڪري جيئن سبت جي ڏينهن تي پيش ڪندو هجي. تنهن کان پوءِ هو موٽي وڃي ۽ سندس ٻاهر نڪرڻ سان ئي لنگھہ بند ڪيو وڃي.“
پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.