Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 7:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جيڪڏهن هو اها قرباني شڪرگذاريءَ جي لاءِ پيش ڪري تہ جانور ذبح ڪرڻ سان گڏ ميدي جون تيل ۾ ڳوهيل بي‌خميري مانيون، تيل مکيل بي‌خميري ٽڪيون ۽ تيل ۾ ڳوهي پچايل ڍوڍا پيش ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 جي هو اها شڪرگذاريءَ جي لاءِ پيش ڪري، تہ ميدي جون تيل ۾ ڳوهيل فطيري مانيون، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون، ۽ تيل ۾ ڳوهيل پڪل ڍوڍا پيش ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 7:12
25 Iomraidhean Croise  

پوءِ حزقياہ سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”جيئن تہ اوهان پاڻ کي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪيو آهي. سو هاڻ خداوند جي گھر آڏو قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جا نذرانا پيش ڪيا وڃن.“ تنهن تي ماڻهن قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جا نذرانا پيش ڪيا. ان کان علاوہ ڪيترن ئي ماڻهن تہ پنهنجي دل جي خوشيءَ سان ساڙڻ واريون قربانيون بہ پيش ڪيون.


پوءِ هن خداوند جي قربان‌گاهہ جي مرمت ڪرائي ۽ انهيءَ تي سلامتيءَ جون قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. هن يهوداہ جي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ هو خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪن.


انهيءَ ڏينهن تي ماڻهن خوشيون ڪندي وڏيون قربانيون پيش ڪيون، ڇو تہ خدا کين تمام وڏي خوشي عطا ڪئي هئي. عورتن ۽ ٻارن پڻ خوشي ملهائي. يروشلم ۾ خوشيءَ جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.


سو هاڻ اوهين خداوند جي دائمي شفقت لاءِ سندس شڪر ادا ڪريو، هائو، انهن عجيب ڪمن لاءِ جيڪي هو انسان خاطر ڪري ٿو.


سو آءٌ تنهنجو نالو وٺي تنهنجي حضور ۾ شڪراني جو نذرانو پيش ڪندس.


جيڪي قربانيءَ طور منهنجي شڪرگذاري ٿا ڪن، سي ئي منهنجي تعظيم ٿا ڪن. جيڪي پنهنجيءَ چال کي ٺيڪ ٿا رکن، تن کي آءٌ پنهنجي ڇڏائڻ واري طاقت ڏيکاريندس.“


هائو، اوهين خداوند آڏو توبهہ ڪندي کيس هيئن چئو تہ ”اي خداوند! اسان جون سڀ خطائون معاف ڪر، ۽ اڳتي هلي اسين جيڪي نيڪيون ڪريون سي تون قبول ڪر. هاڻ اسين رڳو تنهنجي ئي واکاڻ ڪنداسون.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو تنور ۾ پڪل اناج جي قرباني پيش ڪري تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جون بي‌خميريون مانيون هجن يا تيل مکيل بي‌خميرا ڍوڍا هجن.


جيڪڏهن اها اناج جي قرباني تئي تي پڪل هجي تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جي بي‌خميري مانيءَ جي هجي.


جڏهن اوهين مون خداوند جي شڪراني لاءِ قربانيءَ جو جانور ذبح ڪريو، تڏهن اهڙي قرباني پيش ڪجو جا اوهان جي طرفان قبول پوي.


جيڪي انهيءَ مان باقي بچي سو هارون ۽ سندس پٽ خمير ملائڻ کان سواءِ مخصوص جاءِ تي يعني مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ئي پچائي کائين.


شڪرگذاريءَ جي لاءِ ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت انهيءَ ڏينهن ئي کاڌو وڃي، جنهن ڏينهن اها قرباني پيش ڪئي وڃي. انهيءَ مان ڪجھہ بہ صبح تائين نہ بچايو وڃي.


ڀلي تہ پنهنجي شڪرگذاريءَ جي قرباني روٽ سان باهہ تي ادا ڪندا رهو. ڀلي تہ خوشيءَ جي قربانين ڪرڻ جون ٻٽاڪون هڻندا رهو. اي اسرائيل وارؤ! ائين آءٌ خداوند خدا انهيءَ ڪري چوان ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ ڳالهيون اوهان کي پسند آهن.


سندن اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ وارين قربانين سميت هي شيون بہ قربانيءَ طور پيش ڪري: بي‌خميري مانيءَ جي ٽوڪري، يعني تيل ۾ ڳوهيل ميدي جا ڍوڍا ۽ تيل مکيل بي‌خميري ٽڪيون.


هو عيسيٰ جي پيرن تي منهن ڀر ڪري سندس ٿورا مڃڻ لڳو. اهو موٽڻ وارو سامري ماڻهو هو.


ڇا هن ڌارئي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ موٽيو، جو اچي خدا جي واکاڻ ڪري؟“


پر هنن خدا کي سڃاڻڻ جي باوجود سندس لائق وڏائي بيان نہ ڪئي، نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ اجاين خيالن ۾ پئجي ويا ۽ سندن بي‌عقل دماغن تي اوندهہ ڇانئجي ويئي.


هميشہ سڀني ڳالهين لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۾ خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيندا رهو.


تنهنڪري اچو تہ اسين عيسيٰ جي وسيلي خدا آڏو سدائين سندس واکاڻ جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهيءَ زبان جو ڦل نذر ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري.


اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan