Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 7:11 - Muslim Sindhi Bible

11 ”جڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪري تہ انهيءَ جو قاعدو هن ريت آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي قرباني چاڙهي، تہ انهيءَ جو قاعدو هن ريت آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 7:11
12 Iomraidhean Croise  

پوءِ حزقياہ سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”جيئن تہ اوهان پاڻ کي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪيو آهي. سو هاڻ خداوند جي گھر آڏو قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جا نذرانا پيش ڪيا وڃن.“ تنهن تي ماڻهن قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جا نذرانا پيش ڪيا. ان کان علاوہ ڪيترن ئي ماڻهن تہ پنهنجي دل جي خوشيءَ سان ساڙڻ واريون قربانيون بہ پيش ڪيون.


پوءِ هن خداوند جي قربان‌گاهہ جي مرمت ڪرائي ۽ انهيءَ تي سلامتيءَ جون قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. هن يهوداہ جي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ هو خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪن.


”جيئن تہ اڄ مون پنهنجيون باسيل سلامتيءَ واريون قربانيون ڪيون هيون، سو قربانين جو گوشت مون تنهنجي دعوت لاءِ رکيو آهي.


ماڻهن جا جيڪي ڌڻ سرسبز چراگاهن ۾ آهن تن جي هر ٻہ سؤ رڍن مان هڪڙو گھيٽو نذراني طور پيش ڪيو وڃي. اهي نذرانا اناج جي قربانين، ساڙيون ويندڙ قربانين ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ڏنا وڃن تہ جيئن انهن جا گناهہ معاف ڪيا وڃن. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.


جنهن ڏينهن اها قرباني ڪئي وڃي، تنهن ڏينهن يا ان جي ٻئي ڏينهن ان جو گوشت کاڌو وڃي. پر جيڪڏهن ٽئين ڏينهن تائين ڪجھہ بچي پوي تہ انهيءَ کي ساڙيو وڃي.


جڏهن اوهين مون خداوند جي شڪراني لاءِ قربانيءَ جو جانور ذبح ڪريو، تڏهن اهڙي قرباني پيش ڪجو جا اوهان جي طرفان قبول پوي.


ٻي سڀڪا اناج جي قرباني جيڪا پڪل ناهي پوءِ اها تيل سان گڏيل هجي توڙي خشڪ، سا هارون جي سڄي اولاد جي ٿيندي ۽ سڀني کي هڪ جيترو حصو ملندو.“


بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”جيڪو ماڻهو پنهنجي سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪري، تہ اهو پنهنجي قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ خاص حصو آڻي.


هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون، ۽ اناج جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ آءٌ اُهي بہ قبول نہ ڪندس. نڪي آءٌ اوهان جي ٿلهن متارن جانورن جي سلامتيءَ واري قربانيءَ تي ئي ڪو ڌيان ڏيندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan