Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 6:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ”تون هارون ۽ سندس پٽن کي حڪم ڪري چئُہ تہ ساڙڻ واري قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي، تہ ساڙڻ واري قرباني سڄي رات ويندي صبح تائين قربان‌گاهہ تي آتشدان جي مٿان رکي رهي ۽ قربان‌گاهہ تي باهہ ٻرندي رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 هارون ۽ سندس پٽن کي حڪم ڪري چئُہ تہ سوختني قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: يعني تہ سوختني قرباني، ساري رات ويندي صبح تائين قربانگاهہ تي آتشدان جي مٿان رکي رهي؛ ۽ قربانگاهہ جي باهہ ان ۾ ٻرندي رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 6:9
10 Iomraidhean Croise  

انهيءَ اناج جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي سو ڪاهنن جو ٿيندو. اهو مون خداوند جي لاءِ مخصوص حصو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو منهنجي لاءِ ئي ساڙيون ويندڙ قربانين مان آهي.


انهيءَ اناج جي قربانيءَ مان باقي بچيل حصو ڪاهنن جو ٿيندو. جيئن تہ اهو حصو بہ مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان آهي، تنهنڪري اهو مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.


اهي روٽ هارون ۽ سندس اولاد جا ٿيندا. هو اهي مخصوص جاءِ ۾ ويهي کائين، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان اهي هميشہ جي لاءِ هنن جو حصو آهن، جيڪي مون لاءِ ئي مخصوص حصو آهن.“


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


جيڪي ساڙيون ويندڙ قربانيون اوهين مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سي هن ريت هجن. اوهين هر روز ٻہ هڪسالا بي‌عيب گھيٽا ساڙڻ واري قربانيءَ طور،


”سبت جي ڏينهن ٻہ هڪسالا بي‌عيب گھيٽا، ٻہ ڪلوگرام ميدو تيل ۾ گڏيل اناج جي قربانيءَ طور ۽ انهن پٺيان اوتڻ واري قرباني پڻ پيش ڪجو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan