Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 6:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تنهنڪري جڏهن هو گناهہ ڪري ڏوهاري ٿيو آهي، تہ پوءِ جيڪي ڦريو اٿائين، يا جيڪي ٺڳيءَ سان ورتو اٿائين، يا جيڪا امانت وٽس رکيل آهي يا جيڪا گم ٿيل شيءِ لڌي اٿائين،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 تہ پوءِ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن هن گناهہ ڪيو هجي، ۽ ڏوهاري ٿيو هجي، تہ جيڪي ڦريو هجيس، يا جيڪي ظلم سان ورتو هجيس، يا جيڪا امانت وٽس رکيل هجي، يا جيڪا گم ٿيل شيءِ لڌي هجيس، سا موٽائي ڏئي، ۽ انهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 6:4
20 Iomraidhean Croise  

پوءِ ابراهيم ابيملڪ کي پاڻيءَ جي هڪڙي کوهہ لاءِ ڏوراپو ڏنو جنهن تي هن جي نوڪرن زبردستيءَ قبضو ڪيو هو.


بلڪ مهرباني ڪري اڄ جو اڄ اوهين هنن کي سندن ٻنيون، انگورن ۽ زيتونن جا باغ ۽ سندن گھر موٽائي ڏيو. اوهين کين سندن پئسا، اناج، مئي ۽ زيتون جو تيل پڻ موٽائي ڏيو، جيڪي اوهان کانئن وياج طور اُڳاڙيا آهن.“


انهيءَ سبب جو هنن غريبن جو حق ماريو آهي، ۽ سندن ڪو خيال نہ ڪيو اٿائون. هنن زور زبردستيءَ سان گھر قبضي ڪيا آهن، جيڪي پاڻ تعمير نہ ڪيا هئائون.


ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي زمين جي حد واري نشان کي سرڪايو ڇڏين. هو زبردستيءَ پراوا ڌڻ ڪاهي پنهنجي ڌڻن ۾ شامل ڪيو ڇڏين.


مسڪينن ۽ محتاجن تي ظلم ڪرڻ، زور ۽ زبردستيءَ سان ڦر مار ڪرڻ، ماڻهن جون گروي رکيل شيون کين موٽائي نہ ڏيڻ، بتن جي پوڄا ۽ ٻيا ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ


باقي سندس پيءُ، جنهن بي‌رحميءَ سان ظلم ڪيا، پنهنجي قوم وارن کي زور زبردستيءَ سان ڦريو ۽ پنهنجي قوم ۾ نيڪوڪار نہ رهيو، سو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري ضرور لوڙيندو.


هن ڪنهن تي ظلم نہ ڪيو هجي، بلڪ قرضدار کي سندس گروي رکيل شيءِ بہ موٽائي ڏني هجي. هن ڪنهن کي بہ زور زبردستيءَ سان لٽيو ڦريو نہ هجي، بلڪ بکايلن کي پنهنجي مانيءَ مان ڏنو هجي ۽ اگھاڙن کي ڪپڙا ڍڪايا هجن.


مثال طور اهو بدڪار پاڻ وٽ گروي رکيل شيون موٽائي ڏئي ٿو ۽ چورايل مال مالڪن کي موٽائي ڏئي ٿو. هائو، جيڪڏهن بدڪار گناهہ جي ڪمن کان ڊڄي ڪري باز اچي ٿو ۽ منهنجي شريعت تي ٿو هلي تہ اهو مرندو نہ، بلڪ ضرور جيئرو رهندو.


جڏهن هو نڪري ٻاهرين اڱڻ ۾ عام ماڻهن وٽ اچن، تڏهن جن ڪپڙن ۾ هنن خدمت ٿي ڪئي سي لاهي هيڪل جي ڪمرن ۾ رکن ۽ ٻيا ڪپڙا پائين، انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو عام ماڻهو سندن مخصوص پوشاڪ کي ڇُهي پاڻ تي مون خداوند جو غضب آڻي.


جيڪو ڪنهن ٻئي جي جانور کي ماري وجھي، سو انهيءَ جانور جو عيوضو ڀري ڏئي. اهو ئي اصول آهي تہ جان جي عيوض جان.


جيڪو ڪنهن جانور کي ماري وجھي، سو انهيءَ جو عيوضو ڀري ڏئي، پر جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجھي تنهن کي موت جي سزا ڏني وڃي.


مطلب تہ وهڙي جو باقي سڀ ڪجھہ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر انهيءَ پاڪ جاءِ تي آندو وڃي، جتي رک اڇلائبي آهي. اتي انهيءَ کي ٻرندڙ ڪاٺين تي رکي ساڙي ڇڏجي.


انهن ماڻهن کان نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ وسري ويا آهن، بلڪ اهي ظلم ۽ ڦر ڪري پنهنجن محلاتن کي ڀرين ٿا.


هو ماڻهن ۽ سندن گھراڻن تي ظلم ڪندي سندن ميراث کسي ٿا وٺن. هائو، اهي لالچ ڪندي ماڻهن جون ٻنيون ۽ گھر زبردستيءَ سان هٿ ٿا ڪن.


انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني بت‌پرستن کي سزا ڏيندس، جيڪي چانئٺ تي پير رکڻ کان لنوائين ٿا، ۽ انهن کي بہ جيڪي خون خرابو ۽ ٺڳيون ڪري شاهي محل کي دولت سان ڀرين ٿا.“


اوهين ائين بہ ٿا سوچيو تہ ’هيءَ ڪهڙي نہ اسان سان جٺ آهي،‘ سو اوهين انهيءَ تي منهن ۾ گھنج ٿا وجھو. اوهين زوريءَ کسيل، منڊا ۽ بيمار جانور قربانيءَ لاءِ آڻيو ٿا، ڇا آءٌ اهي اوهان جي هٿان قبول ڪندس؟


تڏهن اهو پنهنجي ڏوهہ جو اقرار ڪري. هو پنهنجي ڏوهہ جو پورو عيوضو ڀري ڏئي ۽ انهيءَ جو پنجون حصو انهيءَ ۾ وڌيڪ ملائي اهو انهيءَ ماڻهوءَ کي ڏئي جنهن جو ڏوهہ ڪيو هجيس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan