لاوي سرشتو 6:2 - Muslim Sindhi Bible2 ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو گناهہ ڪري مون خداوند جي انحرافي ڪري، جو ڪنهن امانت يا ڏيتي ليتيءَ ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ سان بيايماني ڪري، يا سندس ڪا شيءِ ڦري يا اهڙيءَ طرح پاڙيسريءَ سان ڪا ٺڳي ڪري، Faic an caibideilSindhi Bible2 جيڪڏهن ڪو ماڻهو گناهہ ڪري، ۽ خداوند جي برخلاف هي قصور ڪري، يعني ڪنهن امانت ۾، يا سودي ۾ پنهنجي پاڙيسري سان ڪپت ڪري، يا انهي جي ڪا شيءِ ڦري وٺي، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان ڪو ظلم ڪري؛ Faic an caibideil |
هائو، مون کي ڪيڏي نہ هيبتناڪ رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ دغاباز دغابازي ٿا ڪن ۽ برباد ڪندڙ بربادي ٿا آڻين. انهيءَ رويا ۾ خداوند فرمايو ٿي تہ ”اي عيلام جا لشڪر! بابل وارن تي ڪاهہ ڪر، اي مادئيءَ جا لشڪر! سندن شهرن جو گھيرو ڪر. آءٌ خداوند بابل وارن جا ظلم ختم ٿو ڪريان، تانتہ مظلومن جون آهون ۽ دانهون بند ٿي وڃن.“
ويل آهي اوهان لاءِ اي دشمنؤ! جيڪي ٻين کي تہ برباد ڪريو ٿا، پر پاڻ برباد نہ ڪيا ويا آهيو، هائو، اوهين جيڪي ٻين سان تہ ٺڳي ڪريو ٿا، پر اوهان سان ٺڳي نہ ڪئي ويئي آهي. مگر هاڻ جڏهن اوهين ٻين کي برباد ڪري بس ڪندا، تڏهن پاڻ برباد ڪيا ويندا. هائو، جڏهن اوهين ٻين سان ٺڳي ڪري بس ڪندا، تڏهن ماڻهو اوهان سان ٺڳي ڪندا.
”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند کي ڏيڻ وارين مخصوص شين ڏيڻ کان بناارادي انحرافي ڪري قصور ڪري وجھي، تہ هو پنهنجي انهيءَ قصور لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بيعيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا اوترا سڪا هجي جيترا مقرر ڪرڻ گھرجن. اها قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني آهي.