Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 6:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ هو پنهنجي اها خاص پوشاڪ لاهي ٻي پائي ۽ اتان اها رک کڻي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر ڪنهن پاڪ جاءِ تي وڃي رکي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 پوءِ هو پنهنجا اهي ڪپڙا لاهي ٻيا پائي، ۽ قربانگاهہ وٽان اها رک ڪنهن صاف جاءِ تي کڻي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 6:11
14 Iomraidhean Croise  

اهڙيءَ طرح ستن ڏينهن تائين تون ڪفارو ڏيندو رهج ۽ قربان‌گاهہ کي مخصوص ڪندو رهج، تہ قربان‌گاهہ خدا لاءِ ئي مخصوص ٿي ويندي. پوءِ جيڪو بہ ماڻهو قربان‌گاهہ کي ڇهي يا جيڪا بہ شيءِ ان تي استعمال ڪئي وڃي سا ضرور مخصوص ٿيل هجي.“


جڏهن هو نڪري ٻاهرين اڱڻ ۾ عام ماڻهن وٽ اچن، تڏهن جن ڪپڙن ۾ هنن خدمت ٿي ڪئي سي لاهي هيڪل جي ڪمرن ۾ رکن ۽ ٻيا ڪپڙا پائين، انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو عام ماڻهو سندن مخصوص پوشاڪ کي ڇُهي پاڻ تي مون خداوند جو غضب آڻي.


پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو وهڙو ۽ ٻڪر، جن جو رت ڪفاري ادا ڪرڻ لاءِ مقدس ترين جاءِ ۾ آندو ويو هو، تن جي جسمن کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر کڻي وڃي انهن جي کلن، گوشت ۽ اوجھہ سميت ساڙي ڇڏجي.


اهي روٽ هارون ۽ سندس اولاد جا ٿيندا. هو اهي مخصوص جاءِ ۾ ويهي کائين، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان اهي هميشہ جي لاءِ هنن جو حصو آهن، جيڪي مون لاءِ ئي مخصوص حصو آهن.“


مطلب تہ وهڙي جو باقي سڀ ڪجھہ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر انهيءَ پاڪ جاءِ تي آندو وڃي، جتي رک اڇلائبي آهي. اتي انهيءَ کي ٻرندڙ ڪاٺين تي رکي ساڙي ڇڏجي.


پوءِ انهيءَ ذبح ڪيل وهڙي کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر آندو وڃي ۽ اتي هو ان کي اهڙيءَ طرح ئي ساڙي جهڙيءَ طرح پهرئين وهڙي کي ساڙيو ويندو آهي. اهڙي ئي طريقي سان قوم جي پاڪ ٿيڻ واسطي اها قرباني پيش ڪئي وڃي.


تڏهن ڪاهن پنهنجي سڻيءَ واري پوشاڪ پائي ۽ سڻيءَ جي سٿڻ بدن تي ڍڪي ۽ ساڙڻ واري قرباني جيڪا سڙي رک ٿي ويئي هجي، سا رک کڻي هو قربان‌گاهہ جي هڪڙي پاسي رکي ڇڏي.


قربان‌گاهہ تي باهہ ٻرندي رهي ۽ اها ڪڏهن بہ نہ وسامي. هر روز صبح جو ڪاهن انهيءَ تي ڪاٺيون ٻاري، مٿس ساڙڻ واري قرباني ٺاهي رکي ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي بہ ساڙي.


”جنهن ڏينهن هارون جي اولاد مان ڪنهن کي ڪاهن ٿيڻ لاءِ مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي تنهن ڏينهن اهو مون خداوند جي حضور ۾ باقاعدي اناج جي قربانيءَ طور هڪ ڪلوگرام ميدو آڻي، جنهن مان اڌ صبح جو ۽ اڌ شام جو هن ريت پيش ڪيو وڃي.


هارون جي اولاد مان جيڪو سندس جاءِ تي سردار ڪاهن هجي سو ئي اها آڻي پيش ڪري. اهو هميشہ جي لاءِ قانون آهي تہ اها سموري قرباني مون خداوند جي لاءِ ساڙي ڇڏجي.


ڪاهنن جي گھراڻن جا رڳو مرد انهيءَ مان کائين. پر اها مخصوص جاءِ تي ئي کائجي، ڇو تہ اها خاص قرباني مون لاءِ ئي مخصوص آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan