Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 5:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پر جيڪڏهن هن کي گھيٽيءَ يا ٻڪريءَ ڏيڻ جي طاقت نہ هجي تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ جيڪڏهن هن کي گهيٽي يا ٻڪريءَ جي وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا، يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، گناهہ جي قربانيءَ طور آڻي؛ هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 5:7
24 Iomraidhean Croise  

پوءِ جڏهن سندس پاڪ ٿيڻ لاءِ پٽ يا ڌيءَ جا مقرر ڏينهن پورا ٿين، تڏهن هوءَ هڪڙو هڪسالو گھيٽو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ۽ هڪڙو ڪبوتر يا هڪڙو ڳيرو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ، مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي ڪاهن وٽ آڻي.


پر جيڪڏهن انهيءَ عورت کي گھيٽي ڏيڻ جيتري طاقت نہ هجي تہ پوءِ هوءَ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندو تہ هوءَ پاڪ ٿي ويندي.“


پوءِ جيڪي ڳيرا يا ڪبوتر اهو ماڻهو آڻي سگھيو هجي،


تن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، اناج جي قربانيءَ سميت پيش ڪري. اهڙيءَ طرح ڪاهن پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري.


ڪاهن انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ پيش ڪري. اهڙيءَ طرح هو عورت جي وهندڙ رت لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري.


هو بني اسرائيل مان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ٻہ ٻڪر ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو گھٽو آڻي.


پر جيڪڏهن باس باسڻ وارو ماڻهو ايترو غريب هجي جو اها مقرر ڪيل قيمت نہ ڏئي سگھي، تہ پوءِ هو انهيءَ باسيل شخص کي ڪاهن وٽ وٺي اچي. ڪاهن انهيءَ باس باسيندڙ جي وسعت آهر سندس قيمت مقرر ڪري.


پر جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ٻن ڳيرن يا ٻن ڪبوترن ڏيڻ جي بہ طاقت نہ هجي، تہ پوءِ هو پنهنجي ڪيل گناهہ لاءِ هڪ ڪلوگرام ميدو، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي. هو انهيءَ تي تيل نہ وجھي، نڪي مٿس لوبان رکي، ڇاڪاڻ تہ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني آهي، نہ اناج جي قرباني.


”قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني، جيڪا مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي تنهن جو قاعدو هن ريت آهي.


بني اسرائيل کي بہ چئُہ تہ هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو گابو ۽ هڪڙو گھيٽو آڻين. اهي ٻئي بي‌عيب ۽ هڪسالا هجن.


”بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جڏهن ڪو مرد يا عورت مون خداوند جي حڪم جي خلاف‌ورزي ڪندي ڪنهن جو ڪهڙيءَ بہ طرح جو ڪو ڏوهہ ڪري،


اٺين ڏينهن هو ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر، مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي ڪاهن وٽ آڻي.


ڪاهن انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ طور هن جي ڪفاري لاءِ پيش ڪري، ڇو تہ مُڙدي جي ڀرسان هجڻ ڪري هن خطا ڪئي آهي. انهيءَ ساڳئي ڏينهن پنهنجو مٿو وري مخصوص ڪندي


”ڏسو، آءٌ اوهان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنهنڪري اوهين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بي‌ضرر ٿجو.


عيسيٰ هيڪل ۾ ويو ۽ اُتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ رُڌل هئا، تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو ۽ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين.


سو عيسيٰ جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاهر آيو تہ هن لاءِ آسمان کُلي پيو ۽ خدا جو روح هڪ ڪبوتر وانگر هيٺ لهندي ۽ پاڻ تي ويهندي ڏٺائين.


اهي شريعت موجب مريم جي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني بہ کڻي آيا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر هجن.“


جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب خدا سندس نذرانو قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan