لاوي سرشتو 5:6 - Muslim Sindhi Bible6 پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو هجي تنهن جي لاءِ هو مون خداوند جي حضور ۾ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ گھيٽي يا ٻڪري آڻي پيش ڪري، تڏهن ڪاهن سندس گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو. Faic an caibideilSindhi Bible6 پوءِ جيڪو گناهہ ڪيو هجيس، انهي جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ پنهنجي قرباني آڻي، اها قرباني ڌڻن مان ڪو گهيٽو يا ٻڪري هئڻ گهرجي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري. Faic an caibideil |
پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيڪل جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي وارا اهي ڪمرا خداوند جي خدمت لاءِ ئي مخصوص آهن. انهن ڪمرن ۾ خداوند جا چونڊيل ڪاهن قربانين جون اهي شيون کائيندا جيڪي خداوند لاءِ ئي مخصوص آهن. اناج جون قربانيون، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيون بہ اتي ئي رکيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ قربانيون رڳو خداوند لاءِ مخصوص آهن.