Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 5:4 - Muslim Sindhi Bible

4 يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو بنا سوچڻ سمجھڻ جي نيڪي يا بدي ڪرڻ لاءِ ڪوبہ قسم کڻي ٿو وجھي، جنهن ڳالهہ جي کيس خبر نہ ٿي رهي، تہ پوءِ جڏهن کيس اها معلوم ٿئي تڏهن هو اهڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 يا جيڪڏهن ڪو تڪڙ ڪري ڪا نيڪي يا بدي ڪرڻ لاءِ پنهنجن چپن سان قسم کڻي، پوءِ اهو ڪجهہ بہ هجي، جنهن لاءِ ڪو ماڻهو تڪڙ ۾ قسم کڻي، ۽ انهي جي خبر نہ هجيس؛ پوءِ جڏهن انهي جي خبر پونديس، تڏهن هو اُنهن مان هڪڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿيندو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 5:4
25 Iomraidhean Croise  

دائود سائول جي پوٽي، يعني يونتن جي پٽ مفيبوست کي جيئدان ڏنو، ڇاڪاڻ تہ دائود بادشاهہ ۽ سائول جي پٽ يونتن جي وچ ۾ خداوند جو قسم کنيل هو.


تڏهن بادشاهہ چيو تہ ”جيڪڏهن اڄ اليشع ولد سافط جي سسي نہ لهرايان تہ خدا شل مون سان ائين ئي ڪري بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.“


هيئن ٿيو جو هنن اتي موسيٰ کي رنجائي ڏاڍو ڪاوڙايو، تڏهن موسيٰ غصي مان پنهنجيءَ قوم کي نامناسب ڳالهايو هو.


اهڙيءَ طرح انهن ڳالهين مان جنهن ڳالهہ ۾ هن گناهہ ڪيو هجي، تنهن لاءِ ڪاهن سندس خاطر ڪفارو ادا ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي. باقي جيڪي ڪجھہ بچي سو اناج جي قربانيءَ وانگر ڪاهن جو ٿيندو.“


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪنهن بہ قسم جي انساني غلاظت، جنهن سان هو پليت ٿئي ٿو، تنهن کي ڇهي ٿو، پوءِ جڏهن کيس اها ڳالهہ معلوم ٿيندي تڏهن هو ڏوهاري ٿيندو.


جيڪڏهن باس باسڻ يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ تڪڙ ۾ پاڻ کي ٻڌل رکڻ کان پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ جي شادي ٿئي،


پر جيڪڏهن سندس مڙس اهو ٻڌي ۽ انهيءَ کي رد ڪري، تہ پوءِ هوءَ تڪڙ ۾ باسيل پنهنجي باس يا خاص فرض پورو نہ ڪري. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو.


جو هن قسم کڻي ساڻس واعدو ڪيو تہ ”جيڪو گھرندينءَ سو آءٌ ڏيندوسانءِ.“


اهو ٻڌي هيروديس کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر جيئن تہ هن مهمانن جي اڳيان قسم کڻي واعدو ڪيو هو، تنهنڪري حڪم جاري ڪيائين تہ انهيءَ ڇوڪريءَ جي مرضي پوري ٿئي.


هن قسم کڻي واعدو ڪيس تہ ”جيڪڏهن حڪومت جو اڌ گھرندينءَ تہ بہ ڏيندوسانءِ.“


ٻئي ڏينهن صبح جو ڪي يهودي اچي گڏ ٿيا ۽ هڪ سازش سِٽيائون. انهن پاڻ ۾ قسم کنيو تہ ”جيستائين اسين پولس کي نہ مارينداسين، تيستائين اسين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسين نہ پيئنداسين.“


تڏهن انهن وراڻيس تہ ”شل خدا اسان جي جان وٺي جيڪڏهن اسين ائين نہ ڪريون جيئن چئون ٿا. جيڪڏهن تون اسان جي هيءَ ڳالهہ ظاهر نہ ڪندينءَ تہ پوءِ جڏهن خداوند اسان کي هي ملڪ ڏيندو تڏهن اسين تو سان مهربان ۽ وفادار رهنداسين.“


پوءِ يشوع ساڻن صلح ڪري کين جيئدان ڏيڻ جو عهد ڪيو ۽ قوم جي اڳواڻن قسم کڻي انهيءَ عهد جي تائيد ڪئي.


تہ جڏهن آءٌ بني عمون وٽان صحيح سلامت موٽي ايندس تڏهن منهنجي گھر جي دروازي مان پهريون جيڪو بہ مون سان ملڻ لاءِ نڪري ايندو سو تو خداوند جو ٿيندو. آءٌ انهيءَ کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪندس.“


پر اسين هنن کي پنهنجيون ڌيئرون پرڻائي نہ ٿا ڏيئي سگھون، ڇاڪاڻ تہ اسان بني اسرائيل قسم کڻي چيو هو تہ ’لعنت هجي انهيءَ تي جيڪو ڪنهن بني بنيامين کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏئي.‘“


سو جيڪڏهن اوهان اڄ جِدعون ۽ سندس گھراڻي سان سچائي ۽ خلوص جي هلت ڪئي آهي تہ ڀلي اوهين ابيملڪ مان خوش رهو ۽ هو بہ اوهان مان خوش رهي.


هن باس باسيندي چيو تہ ”اي قادرِمطلق خداوند! پنهنجي ٻانهيءَ جي دکي حال تي نظر ڪر، پنهنجي ٻانهيءَ کي ياد ڪر، وساري نہ ڇڏ. جيڪڏهن تون پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ عطا ڪندين تہ آءٌ انهيءَ کي سڄي حياتيءَ لاءِ تو خداوند جي وقف ڪنديس ۽ انهيءَ جي مٿي ۽ منهن تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گھمندي.“


صبح جي سوجھري ٿيڻ تائين آءٌ هن جا سڀيئي ماڻهو ماري ڇڏيندس ۽ ڪو هڪڙو ڇوڪرو بہ جيئرو نہ ڇڏيندس. جيڪڏهن آءٌ ائين نہ ڪريان تہ شل خدا مون سان ائين ئي بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪري.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan