Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 5:12 - Muslim Sindhi Bible

12 هو اهو ميدو ڪاهن وٽ کڻي اچي ۽ ڪاهن انهيءَ مان هڪڙي مٺ ڀري ڪڍي ۽ قربان‌گاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جيڪي مون خداوند جي لاءِ ساڙبيون آهن. ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ هو اهو ڪاهن وٽ کڻي اچي، ۽ ڪاهن انهي مان هڪڙي مٺ يادگار لاءِ ڀري ڪڍي، ۽ قربانگاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي جي باهہ سان ساڙبيون آهن: اها گناهہ جي قرباني آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 5:12
15 Iomraidhean Croise  

ان جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


انهيءَ کي ٻنهي پرن کان وٺي چيري کوليو وڃي، پر کيس ڇني ڌار نہ ڪجي. پوءِ ڪاهن انهيءَ کي قربان‌گاهہ تي ٻرندڙ ڪاٺين جي مٿان رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.“


پوءِ انهيءَ جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


پوءِ ڪاهن انهيءَ سڄي قربانيءَ مان مروٽي ڪڍيل ڪجھہ داڻا، ڪجھہ تيل ۽ سمورو لوبان ڪڍي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. اها مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني آهي.“


پوءِ اهو هارون جي پٽن وٽ کڻي اچي، جيڪي ڪاهن آهن. ڪاهن انهيءَ تيل گڏيل ميدي مان، سڄي لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري کڻي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


پوءِ ڪاهن انهيءَ سڄي اناج جي قربانيءَ مان ڪجھہ حصو کڻي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


ڪاهن انهن کي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا مون خداوند جي لاءِ ساڙبي آهي.


ٻئي بڪيون ۽ انهن جي مٿان واري چرٻي، جيڪا ڪمر جي ٻنهي پاسن تي ٿئي ٿي ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي سو بڪين سميت.


هو انهيءَ جي سموري چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري گھيٽي جي چرٻيءَ وانگر ڪڍي وٺي. ڪاهن انهيءَ کي قربان‌گاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جيڪي مون خداوند جي لاءِ ساڙبيون آهن. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.“


پر جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ٻن ڳيرن يا ٻن ڪبوترن ڏيڻ جي بہ طاقت نہ هجي، تہ پوءِ هو پنهنجي ڪيل گناهہ لاءِ هڪ ڪلوگرام ميدو، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي. هو انهيءَ تي تيل نہ وجھي، نڪي مٿس لوبان رکي، ڇاڪاڻ تہ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني آهي، نہ اناج جي قرباني.


اهڙيءَ طرح انهن ڳالهين مان جنهن ڳالهہ ۾ هن گناهہ ڪيو هجي، تنهن لاءِ ڪاهن سندس خاطر ڪفارو ادا ڪري تہ پوءِ هن کي معافي ملندي. باقي جيڪي ڪجھہ بچي سو اناج جي قربانيءَ وانگر ڪاهن جو ٿيندو.“


هو انهيءَ اناج جي قربانيءَ واري تيل گڏيل ميدي مان، قربانيءَ تي رکيل سموري لوبان سميت مٺ ڀري ڪڍي ۽ اها قربان‌گاهہ تي رکي مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ ساڙي. ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي.


پوءِ هو انهيءَ اناج جي قربانيءَ مان هڪڙي مٺ ڀري کڻي ۽ انهيءَ کي قربان‌گاهہ تي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. ان بعد هو عورت کي اُهو پاڻي پيئاري ڇڏي.


هن ملائڪ ڏانهن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سائين؟“ ملائڪ چيس تہ ”خدا تنهنجيون دعائون ۽ خيراتون قبول ڪيون آهن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.


اوهين پيار ڀري زندگي گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذراني طور قربان ڪري ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan