Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 5:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پر جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ٻن ڳيرن يا ٻن ڪبوترن ڏيڻ جي بہ طاقت نہ هجي، تہ پوءِ هو پنهنجي ڪيل گناهہ لاءِ هڪ ڪلوگرام ميدو، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي. هو انهيءَ تي تيل نہ وجھي، نڪي مٿس لوبان رکي، ڇاڪاڻ تہ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني آهي، نہ اناج جي قرباني.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 پر جيڪڏهن هن کي ٻن ڳيرن يا ڪبوترن جي ٻن ٻچن جي بہ وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، گناهہ جي قرباني طور آڻي: هو انهي تي تيل نہ وجهي، نڪي مٿس لوبان رکي: ڇالاءِ جو اها گناهہ جي قرباني آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 5:11
23 Iomraidhean Croise  

جڏهن هنن اها اٽڪل ٻہ ڪلوگرام واري ماپي سان ماپي ڏٺي، تڏهن جنهن گھڻو گڏ ڪيو هو تنهن وٽ وڌيڪ نہ بچيو ۽ جنهن ٿورو گڏ ڪيو هو تنهن وٽ گھٽتائي ڪانہ ٿي. انهن مان هر ڪنهن پنهنجي کائڻ جيترو گڏ ڪيو.


انهن ڏينهن ۾ ٻہ ڪلوگرام وزن کي عومر چوندا هئا، جيڪو ماپ جي لحاظ کان هڪڙي عيفا جو ڏهون حصو هو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند لاءِ ساڙڻ جي قرباني پکين مان ڪري، تہ هو ڳيري يا ڪبوتر جي قرباني پيش ڪري.


پر جيڪڏهن انهيءَ عورت کي گھيٽي ڏيڻ جيتري طاقت نہ هجي تہ پوءِ هوءَ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندو تہ هوءَ پاڪ ٿي ويندي.“


”جيڪڏهن اهو ماڻهو غريب هجي ۽ ايترو آڻي نہ سگھي، تہ پوءِ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هٿن تي بلند ڪرڻ واسطي هڪڙو گھيٽو آڻي، تہ جيئن ڪفارو ادا ڪيو وڃي. اناج جي قربانيءَ لاءِ هو رڳو هڪ ڪلوگرام ميدو زيتون جي تيل ۾ ڳوهيل ۽ اڌ ليٽر زيتون جو تيل آڻي.


پر جيڪڏهن باس باسڻ وارو ماڻهو ايترو غريب هجي جو اها مقرر ڪيل قيمت نہ ڏئي سگھي، تہ پوءِ هو انهيءَ باسيل شخص کي ڪاهن وٽ وٺي اچي. ڪاهن انهيءَ باس باسيندڙ جي وسعت آهر سندس قيمت مقرر ڪري.


هو اهو ميدو ڪاهن وٽ کڻي اچي ۽ ڪاهن انهيءَ مان هڪڙي مٺ ڀري ڪڍي ۽ قربان‌گاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جيڪي مون خداوند جي لاءِ ساڙبيون آهن. ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي.


پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو هجي تنهن جي لاءِ هو مون خداوند جي حضور ۾ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ گھيٽي يا ٻڪري آڻي پيش ڪري، تڏهن ڪاهن سندس گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو.


هو انهيءَ جي رت مان ڪجھہ قربان‌گاهہ جي پاسي تي ڇٽڪاري ۽ باقي رت قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


”جنهن ڏينهن هارون جي اولاد مان ڪنهن کي ڪاهن ٿيڻ لاءِ مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي تنهن ڏينهن اهو مون خداوند جي حضور ۾ باقاعدي اناج جي قربانيءَ طور هڪ ڪلوگرام ميدو آڻي، جنهن مان اڌ صبح جو ۽ اڌ شام جو هن ريت پيش ڪيو وڃي.


انهن ٻنهي حالتن ۾ ماڻهو پنهنجيءَ زال کي ڪاهن وٽ وٺي اچي. هو پنهنجيءَ زال جي طرفان هڪ ڪلوگرام جوَن جو اٽو بہ نذر طور کڻي اچي. هو انهيءَ اٽي جي مٿان نڪي تيل پئٽي، نڪي لوبان رکي، ڇاڪاڻ تہ اها غيرت جي واسطي اناج جي قرباني آهي جيڪا گناهہ ظاهر ٿيڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي.


اهي شريعت موجب مريم جي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني بہ کڻي آيا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر هجن.“


مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


حقيقت ۾ شريعت موجب تقريباً هر شيءِ کي رت سان ئي پاڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ جيستائين رت نہ ٿو وهايو وڃي تيستائين معافي بہ نہ ٿي ملي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan