Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 4:6 - Muslim Sindhi Bible

6 هو پنهنجي آڱر انهيءَ رت ۾ ٻوڙي ۽ مون خداوند جي حضور ۾ مقدس ترين جاءِ واري پردي جي اڳيان ست دفعا اهو رت ڇٽڪاري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ ڪاهن پنهنجي آڱر انهي رت ۾ ٻوڙي ۽ اهو رت پاڪ مڪان واري پردي جي اڳيان، خداوند جي حضور ۾ ست ڀيرا ڇاٽاري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 4:6
22 Iomraidhean Croise  

پوءِ صندوق مقدس خيمي ۾ کڻائي آيو ۽ انهيءَ جي اڳيان پردو ٽنگائي ڇڏيائين.


هن سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ مقدس جاءِ ۾ پردي جي سامهون رکائي


ان بعد هو انهيءَ تيل مان پنهنجي ساڄي آڱر ٻوڙي ۽ ست ڀيرا مون خداوند جي حضور ڪجھہ تيل ڇٽڪاري.


تريءَ تي باقي بچيل تيل هو پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿي ۾ وجھي ڇڏي. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري.


پوءِ هو انهيءَ تيل مان ڪجھہ، پنهنجي ساڄيءَ آڱر سان ست ڀيرا مون خداوند جي حضور ڇٽڪاري.


اهو هو ست دفعا چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض کان پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿان ڇٽڪاري ۽ انهيءَ کي پاڪ قرار ڏئي. پوءِ هو انهيءَ جيئري پکيءَ کي کُليل ميدان ۾ اڏاري ڇڏي.


پوءِ هارون انهيءَ وهڙي جي رت مان ڪجھہ کڻي پنهنجيءَ آڱر سان رحمت جي پوش جي اڳئين حصي تي اوڀر طرف ڇٽڪاري ۽ اتي عهد واري صندوق جي اڳيان بہ ست دفعا ڇٽڪاري.


پوءِ هو انهيءَ رت مان ڪجھہ پنهنجيءَ آڱر سان ست دفعا قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاري. اهڙيءَ طرح هو انهيءَ کي بني اسرائيل جي ناپاڪين کان پاڪ ڪري ۽ مون خداوند جي لاءِ مخصوص بڻائي.“


”اوهين پنهنجي لاءِ سبت وارن ستن سالن کي ستوڻو ڪري شمار ڪجو، جيڪي اوڻونجاهہ سال ٿيندا.


جيڪڏهن انهن ڳالهين جي باوجود بہ اوهين منهنجي فرمانبرداري نہ ڪندا تہ آءٌ اوهان جي گناهن جي اوهان کي ستوڻي وڌيڪ سزا ڏيندس.


تہ پوءِ آءٌ خود اوهان جي خلاف ٿيندس ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن جي اڳي کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


تہ آءٌ بہ ڪاوڙجي اوهان جي خلاف ٿيندس ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن جي ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


هو پنهنجي آڱر انهيءَ رت ۾ ٻوڙي ۽ مون خداوند جي آڏو مقدس ترين جاءِ واري پردي جي سامهون ست دفعا اهو رت ڇٽڪاري.


ڪاهن انهيءَ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جي رت مان ڪجھہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ جي سڱن تي لڳائي ۽ باقي رت انهيءَ قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


ڪاهن انهيءَ جي رت مان ڪجھہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ جي سڱن تي لڳائي ۽ باقي رت انهيءَ قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


ڪاهن انهيءَ جي رت مان ڪجھہ پنهنجي آڱر سان کڻي ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ جي سڱن تي لڳائي ۽ باقي رت انهيءَ قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


انهيءَ تيل مان ڪجھہ کڻي هن ست دفعا اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريو. اهڙيءَ طرح هن قربان‌گاهہ ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙيءَ کي مسح ڪيو، تہ جيئن مخصوص ٿين.


تڏهن موسيٰ انهيءَ کي ذبح ڪيو ۽ انهيءَ جو رت کڻي پنهنجيءَ آڱر سان قربان‌گاهہ جي چئني سڱن تي لڳائي قربان‌گاهہ کي پاڪ ڪيائين. باقي رت هن قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ جو ڪفارو ڏنو تہ جيئن اها مخصوص ٿئي.


هارون جي پٽن انهيءَ جو رت وٽس آڻي پيش ڪيو ۽ هن پنهنجي آڱر انهيءَ رت ۾ ٻوڙي قربان‌گاهہ جي سڱن تي لڳايو ۽ باقي رت قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيائين.


اليعزر ڪاهن هن جي رت مان ڪجھہ پنهنجي آڱر تي کڻي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي سامهون واري پاسي ست ڀيرا ڇنڊا هڻي.


ست ڪاهن صندوق جي اڳيان گھٽن جي سڱن جون ست نفيلون کڻي هلن. ستين ڏينهن تي اوهين شهر کي چوڌاري ست ڦيرا ڏجو ۽ ڪاهن نفيلون وڄائيندا هلن.


سو جيئن يشوع ماڻهن کي چيو تيئن ست ڪاهن نفيلون کڻي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان وڄائيندا هليا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan