Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 4:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هو انهيءَ وهڙي کي مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ مون خداوند جي آڏو آڻي، پوءِ پنهنجو هٿ انهيءَ جي مٿي تي رکي ۽ انهيءَ کي اتي ذبح ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 هو انهي وهڙي کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ خداوند جي حضور ۾ آڻي؛ ۽ پنهنجو هٿ انهي وهڙي جي مٿي تي رکي، ۽ پوءِ انهي وهڙي کي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 4:4
11 Iomraidhean Croise  

آخر ۾ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هنن بادشاهہ ۽ ٻين ماڻهن اڳيان ٻڪر آندا ۽ بادشاهہ ۽ ماڻهن پنهنجا هٿ انهن تي رکيا.


اسين سڀ اهڙين رڍن وانگر آهيون، جيڪي پنهنجي رستي کان ڀٽڪي ٿيون وڃن. اسان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ٿو وڃي. پر خداوند اها سزا هن جي مٿان آندي، جڏهن تہ انهيءَ سزا جا حقدار اسين ئي هئاسين.


انهيءَ مدي جي آخر ۾ هڪڙو ڌاريو حڪمران ڪاهہ ڪري ايندو، جنهن جو لشڪر شهر ۽ انهيءَ مقدس هيڪل کي طوفان وانگر ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ انهن ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن جي پڇاڙيءَ تائين جنگ هلندي رهندي، جنهن ۾ اهو چونڊيل بادشاهہ قتل ڪيو ويندو ۽ سندس پٺيان ڪو بادشاهي ڪرڻ وارو نہ رهندو. خدا جي طرفان اها بربادي مقرر ڪيل آهي.


هارون انهيءَ جي مٿي تي پنهنجا ٻئي هٿ رکي ۽ بني اسرائيل جي سڀني بدڪارين، نافرمانين ۽ سڀني گناهن جو انهيءَ جي مٿان قبولدار ٿي اهي سڀ ٻڪر جي سر تي رکي. پوءِ انهيءَ ٻڪر کي تنهن ماڻهوءَ جي هٿان بيابان ڏانهن روانو ڪري ڇڏي جنهن کي انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪيو ويو هجي.


قوم جا اڳواڻ مون خداوند جي آڏو انهيءَ وهڙي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن ۽ پوءِ اهو اتي ئي ذبح ڪيو وڃي.


هو انهيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري انهيءَ ٻڪريءَ کي قربان‌گاهہ جي اتر پاسي جتي ساڙڻ واري قربانيءَ جا جانور ذبح ڪبا آهن، اتي ذبح ڪري.


ان کان پوءِ هن پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو وهڙو آندو. هارون ۽ سندس پٽن پنهنجا هٿ انهيءَ جي مٿي تي رکيا.


پوءِ لاوي پنهنجا هٿ ٻنهي گابن جي مٿن تي رکن ۽ تون انهن گابن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ منهنجي حضور ۾ لاوين جي ڪفاري واسطي پيش ڪر.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن گناهن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي خدا تائين پهچائي. هو هن گنهگار دنيا جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر روحاني طور وري جيئرو ڪيو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan