Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 4:22 - Muslim Sindhi Bible

22 جيڪڏهن ڪو اڳواڻ بناارادي ڪو اهڙو گناهہ ڪري ڏوهاري قرار ڌنو ويو هجي جنهن جي مون خداوند سندس خدا منع ڪئي آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 جڏهن ڪو حاڪم ڀل مان گناهہ ڪري، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند سندس خدا کيس منع ڪئي آهي، تن مان ڪو ڪم ڪري ڏوهاري ٿيو هجي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 4:22
15 Iomraidhean Croise  

تون پنهنجي ٻانهي کي گستاخيءَ جي گناهن کان پڻ روڪ. شل ائين نہ ٿئي جو اُهي مون تي غالب پئجي وڃن! تنهنجي مدد سان ئي آءٌ بي‌ڏوهي ٿي پوندس، ۽ تو کان باغي ٿيڻ جهڙي گناهہ کان بچي ويندس.


انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ جن کي خدا جو خوف هجي، جي سچار هجن ۽ کين ناجائز ڪمائيءَ کان نفرت هجي. انهن کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن ۽ ڏهن ڏهن ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪر.


پنهنجي زبان کي قابوءَ ۾ رکو، تان‌تہ اها اوهان کي گنهگار قرار نہ ڏئي ۽ پوءِ اوهان کي ڪاهن جي آڏو ائين نہ چوڻو پوي تہ ”مون کان ڀل چوڪ ٿي ويئي آهي.“ سو ائين نہ ٿئي جو خدا اوهان جي چيل ڪنهن ڳالهہ تان ناراض ٿي اوهان جي محنت سان ڪيل هر ڪم کي برباد ڪري ڇڏي.


جيڪڏهن بني اسرائيل قوم بناارادي ڪو گناهہ ڪري وجھي، جيتوڻيڪ اها ڳالهہ سندن نظر کان لڪل هجي تہ هنن هڪڙو اهڙو ڪم ڪيو آهي، جنهن جي ڪرڻ جي مون خداوند منع ڪئي آهي، تڏهن بہ اهي ڏوهاري قرار ڏنا ويندا.


بني اسرائيل لاءِ هي بہ فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو بناارادي ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ سان گناهہ ڪري وجھي، جن ڪمن ڪرڻ جي مون خداوند منع ڪئي آهي، تنهن لاءِ هي حڪم آهن.


جيڪڏهن قوم مان ڪو ٻيو ماڻهو بناارادي ڪو اهڙو گناهہ ڪري ڏوهاري بڻجي وڃي جنهن جي مون خداوند منع ڪئي آهي،


جيڪڏهن ڪو ماڻهو قصور ڪري ڪو اهڙو ڪم ڪري وجھي جنهن لاءِ مون خداوند منع ڪئي آهي، پوءِ جيتوڻيڪ انهيءَ جي خبر نہ بہ هجيس تہ بہ هو ڏوهاري آهي ۽ گناهہ جو بار مٿس پوندو.


”هاڻي جيڪڏهن حڪمن ڏيڻ جي پهرئين ڏينهن کان اوهين بني اسرائيل وارا بناارادي منهنجي سمورن حڪمن مان ڪنهن بہ هڪ حڪم تي عمل نہ ٿا ڪريو،


تہ پوءِ جيڪڏهن بي‌خبريءَ ۾ انهن کان بناارادي اها خطا ٿي هجي تڏهن سڄي قوم مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي، هڪڙو وهڙو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، قانون مطابق اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ سميت آڻي پيش ڪري. انهيءَ کان سواءِ کين هڪ ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪرڻو آهي.


بني اسرائيل مان اڍائي سؤ ماڻهو، جيڪي چونڊيل اڳواڻ ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي هو ساڻ ڪري موسيٰ سان مقابلي ڪرڻ لاءِ اٿيا.


تڏهن موسيٰ، اليعزر ڪاهن ۽ سمورا اڳواڻ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هنن جو استقبال ڪرڻ لاءِ نڪري آيا.


تڏهن هو موسيٰ، اليعزر ڪاهن ۽ اڳواڻن وٽ آيا ۽ موسيٰ کي چيائون تہ


تڏهن پنهنجي لاءِ ڪي پناهہ جا شهر چونڊجو، تہ جيئن جنهن جي هٿان اتفاق سان خون ٿي پوي تہ اُهو اوڏانهن ڀڄي وڃي سگھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan