هو انهيءَ جي سموري چرٻي سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر قربانگاهہ تي رکي ساڙي. اهڙيءَ طرح ڪاهن انهيءَ اڳواڻ جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.
هو انهيءَ جي سموري چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري گھيٽي جي چرٻيءَ وانگر ڪڍي وٺي. ڪاهن انهيءَ کي قربانگاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جيڪي مون خداوند جي لاءِ ساڙبيون آهن. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.“
اهو فرزند خدا جي جلوي جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي قدرت واري فرمان سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي گناهن کان ڌوئي پاڪ صاف ڪرڻ بعد مٿي آسمان تي عظيم خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.
تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بيعيب قربانيءَ طور پيش ڪيو.