Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 4:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ هو انهيءَ رت مان ڪجھہ کڻي اتي رکيل لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ جي سڱن تي لڳائي. باقي رت ٻاهر خيمي جي اڱڻ ۾ جيڪا ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 ۽ اهو انهي رت مان ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪا قربانگاهہ آهي، تنهن جي سڱن تي خداوند جي حضور ۾ وجهي، ۽ باقي رت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، جيڪا سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 4:18
11 Iomraidhean Croise  

تڏهن هنن پهريائين ڍڳا ذبح ڪيا ۽ انهن جو ٿورو رت کڻي قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريائون. پوءِ هنن گھٽا بہ ذبح ڪيا ۽ انهن جو رت بہ قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريائون. تنهن کان پوءِ هنن گھيٽا بہ ذبح ڪيا ۽ انهن جو رت بہ قربان‌گاهہ تي چٽڪاريائون.


وهڙي جو ٿورو رت کڻي پنهنجيءَ آڱر سان قربان‌گاهہ جي سڱن تي لائج ۽ باقي سمورو رت قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏج.


سال ۾ هڪ دفعو هارون انهيءَ قربان‌گاهہ جي سڱن تي ڪفاري وارو رت هاري ان کي پاڪ ڪري، ڇاڪاڻ تہ اها قربان‌گاهہ مون خداوند جي لاءِ ئي مخصوص آهي. اوهان جي سڀني پيڙهين تائين، سال ۾ هڪڙو دفعو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو رت، جيڪو ڪفاري واسطي آهي، تنهن سان قربان‌گاهہ کي پاڪ ڪيو وڃي.“


ڪاهن انهيءَ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جي رت مان ڪجھہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ جي سڱن تي لڳائي ۽ باقي رت انهيءَ قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


ڪاهن انهيءَ جي رت مان ڪجھہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ جي سڱن تي لڳائي ۽ باقي رت انهيءَ قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


ڪاهن انهيءَ جي رت مان ڪجھہ پنهنجي آڱر سان کڻي ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ جي سڱن تي لڳائي ۽ باقي رت انهيءَ قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


پوءِ اتي هو انهيءَ رت مان ڪجھہ کڻي خوشبودار لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ، جيڪا مون خداوند جي آڏو آهي، تنهن جي سڱن تي لڳائي. وهڙي جو باقي سمورو رت هو خيمي جي سامهون اڱڻ ۾ جيڪا ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


هو انهيءَ جي رت مان ڪجھہ قربان‌گاهہ جي پاسي تي ڇٽڪاري ۽ باقي رت قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


پر جنهن پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو رت مقدس جاءِ ۾ ڪفاري ادا ڪرڻ لاءِ آندو وڃي، تنهن جو گوشت بلڪل نہ کاڌو وڃي، بلڪ اهو ساڙيو وڃي.“


تڏهن موسيٰ انهيءَ کي ذبح ڪيو ۽ انهيءَ جو رت کڻي پنهنجيءَ آڱر سان قربان‌گاهہ جي چئني سڱن تي لڳائي قربان‌گاهہ کي پاڪ ڪيائين. باقي رت هن قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ جو ڪفارو ڏنو تہ جيئن اها مخصوص ٿئي.


هارون جي پٽن انهيءَ جو رت وٽس آڻي پيش ڪيو ۽ هن پنهنجي آڱر انهيءَ رت ۾ ٻوڙي قربان‌گاهہ جي سڱن تي لڳايو ۽ باقي رت قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan