Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 4:12 - Muslim Sindhi Bible

12 مطلب تہ وهڙي جو باقي سڀ ڪجھہ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر انهيءَ پاڪ جاءِ تي آندو وڃي، جتي رک اڇلائبي آهي. اتي انهيءَ کي ٻرندڙ ڪاٺين تي رکي ساڙي ڇڏجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 يعني سڄو وهڙو منزلگاهہ کان ٻاهر ڪنهن صاف جاءِ تي، جتي رک اُڇلائبي آهي اتي کڻي وڃي، ۽ اتي انهي کي ڪاٺين تي رکي ساڙي ڇڏي: جتي رک اُڇلائبي آهي، اتي انهيءَ کي کي ساڙي ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 4:12
16 Iomraidhean Croise  

پر وهڙي جو گوشت، کل ۽ سندس اوجھہ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر ساڙيا وڃن، ڇاڪاڻ تہ اها پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني آهي.


پوءِ انهيءَ ڪُٺل وهڙي کي کڻي هيڪل جي چوديواريءَ کان ٻاهر مقرر ڪيل جاءِ تي ساڙيو وڃي.


جيترا ڏينهن هن کي اهو مرض هوندو اوترا ڏينهن هو ناپاڪ ئي رهندو. سو هو اڪيلو رهي ۽ هن جي رهڻ جي جاءِ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هجي.“


پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو وهڙو ۽ ٻڪر، جن جو رت ڪفاري ادا ڪرڻ لاءِ مقدس ترين جاءِ ۾ آندو ويو هو، تن جي جسمن کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر کڻي وڃي انهن جي کلن، گوشت ۽ اوجھہ سميت ساڙي ڇڏجي.


پوءِ انهيءَ ذبح ڪيل وهڙي کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر آندو وڃي ۽ اتي هو ان کي اهڙيءَ طرح ئي ساڙي جهڙيءَ طرح پهرئين وهڙي کي ساڙيو ويندو آهي. اهڙي ئي طريقي سان قوم جي پاڪ ٿيڻ واسطي اها قرباني پيش ڪئي وڃي.


ڪاهن جيڪا بہ اناج جي قرباني آڻي سا سموري ساڙي وڃي، اها کائڻ ۾ بلڪل نہ اچي.“


پر جنهن پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جو رت مقدس جاءِ ۾ ڪفاري ادا ڪرڻ لاءِ آندو وڃي، تنهن جو گوشت بلڪل نہ کاڌو وڃي، بلڪ اهو ساڙيو وڃي.“


تنهنڪري جڏهن هو گناهہ ڪري ڏوهاري ٿيو آهي، تہ پوءِ جيڪي ڦريو اٿائين، يا جيڪي ٺڳيءَ سان ورتو اٿائين، يا جيڪا امانت وٽس رکيل آهي يا جيڪا گم ٿيل شيءِ لڌي اٿائين،


پر هن باقي وهڙي کي سندس کل، گوشت ۽ اوجھہ سميت خيمي‌گاهہ کان ٻاهر کڻي وڃي ساڙي ڇڏيو، جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.


باقي گوشت ۽ کل هن خيمي‌گاهہ کان ٻاهر ساڙي ڇڏيا.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ کي موت جي سزا ڏني وڃي. پوري قوم خيمي‌گاهہ جي ٻاهران کيس سنگسار ڪري.“


اوهين اها آڻي اليعزر ڪاهن کي ڏيو. هو انهيءَ کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر ڪاهي وڃي ۽ اها هن جي روبرو ذبح ڪئي وڃي.


پوءِ اُها گابي هن جي روبرو ساڙي وڃي. انهيءَ جي کل، گوشت، رت ۽ اوجھہ سڀ ساڙيا وڃن.


اهو مرد هجي توڙي عورت، پر اوهين کيس خيمي‌گاهہ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. اهو انهيءَ لاءِ تہ هو انهيءَ خيمي‌گاهہ کي پليت نہ ڪري، جنهن ۾ آءٌ پنهنجي قوم سان رهان ٿو.“


ڏسو، اڳئين انتظام مطابق جن جانورن جو رت سردار ڪاهن هر سال گناهن جي ڪفاري جي لاءِ مقدس ترين جاءِ ۾ کڻي ويندو آهي، تن جا جسم قوم جي رهائش واري خيمي‌گاهہ جي ٻاهران ساڙيا ويندا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan