Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




لاوي سرشتو 3:8 - Muslim Sindhi Bible

8 هو قربانيءَ واري انهيءَ جانور جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ انهيءَ کي ذبح ڪري. ڪاهن انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ هو پنهنجي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ انهي کي ذبح ڪري، ۽ هارون جا پٽ انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




لاوي سرشتو 3:8
17 Iomraidhean Croise  

اسين سڀ اهڙين رڍن وانگر آهيون، جيڪي پنهنجي رستي کان ڀٽڪي ٿيون وڃن. اسان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ٿو وڃي. پر خداوند اها سزا هن جي مٿان آندي، جڏهن تہ انهيءَ سزا جا حقدار اسين ئي هئاسين.


انهيءَ کي هو قربان‌گاهہ جي اتر واري پاسي مون خداوند جي آڏو ذبح ڪري. ڪاهن انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.


هو پنهنجو هٿ انهيءَ ساڙڻ واري قربانيءَ جي مٿي تي رکي، تڏهن اها سندس لاءِ ڪفاري طور قبول ڪئي ويندي.


پوءِ هو انهيءَ وهڙي کي اتي مون خداوند جي آڏو ذبح ڪري. هارون جا پٽ جيڪي ڪاهن آهن تن مان هڪڙو رت کڻي انهيءَ قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي، جيڪا مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ در وٽ آهي.


هو انهيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ انهيءَ کي ذبح ڪري. ڪاهن انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.


قوم جا اڳواڻ مون خداوند جي آڏو انهيءَ وهڙي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن ۽ پوءِ اهو اتي ئي ذبح ڪيو وڃي.


هو انهيءَ ٻڪر جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ قربان‌گاهہ جي اتر پاسي جتي ساڙڻ واري قربانيءَ جا جانور مون خداوند جي آڏو ذبح ڪبا آهن، اتي انهيءَ کي ذبح ڪري.


هو انهيءَ وهڙي کي مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ مون خداوند جي آڏو آڻي، پوءِ پنهنجو هٿ انهيءَ جي مٿي تي رکي ۽ انهيءَ کي اتي ذبح ڪري.


پوءِ آسمان مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“


منهنجو مطلب آهي تہ خدا مسيح جي وسيلي دنيا جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪندي ماڻهن جي گناهن جو ڪو حساب نہ ڪيو. ميل ميلاپ ڪرائڻ جو اهو پيغام هن اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو.


مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


ائين مسيح جي ئي وسيلي اسان ٻنهي يعني يهودين ۽ غير يهودين کي ساڳي ئي پاڪ روح ملڻ سان پيءُ تائين پهچ حاصل ٿي آهي.


هاڻي مسيح تي ايمان رکڻ سان اسين مسيح ۾ شامل ٿيا آهيون، جنهن ڪري دليريءَ ۽ اعتماد سان خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيون ٿا.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين گناهن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيئرا رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan